??مش?? -03 جولاءِ (اي پي پي) شام ۾ پاڪستان ج?? سفير شاهد اختر چيو آهي ته شام پاڪستان ۾ صنعتي شعبي جي ترقي مان فائدو کڻي سگهي ٿو. شام جي خابرو اداري سانا مطابق انهن خيالن ج?? اظهار هن ??مش?? چيمبر آف انڊسٽري جي چيئرمين غزوان المصري سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ صنعت ۽ و??پار جي شعبن ۾ سهڪار کي ترقي ڏيڻ ۽ گڏيل سيڙپڪاري ۽ شراڪتداري جي قيام تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستاني سفير چيو ته شام پاڪستان ۾ دوائن، طبي مواد، جراحي جي اوزارن ۽ ڏندن ج?? علاج ۾ استعمال ٿيندڙ اوزارن سان گڏ زرعي سامان، ڳري مشينري ۽ راندين ج?? سامان ج?? تياري ۾ هن وقت تائين ڪيل ترقي مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. ??مش?? چيمبر جي عمارت ۾ ٿيل ملاقات دوران غزوان المصري ان ڳالهه تي زور ڀريو ته چيمبر پاڪستان سان مڪمل سهڪار لاءِ تيار آهي، ??ن کان علاوه ??مش?? چيمبر ٻنهي ملڪن ج?? واپارين ۽ صنعتڪارن وچ ۾ رابطي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ سان گڏ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ هر ضروري سهولت فراهم ڪندو. هن مختلف فورمن تي پاڪستان طرفان شام جي حمايت کي ساراهيو.
شام ۾ پاڪستان جي سفير جي دمشق چيمبر جي چيئرمين سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena