گڏيل قومون -10 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائ??دي منير اڪرم طرفان ڄمون ڪشمير تي ڀارتي قبضي کي جديد دور جي نو آبادياتي نظام جو بدترين مظهر قرار ڏيڻ تي پاڪستان ۽ ڀارت جي نمائندن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي. گذريل ڏينهن گڏيل قومن ۾ پاڪستاني نمائ??دي جي تبصرن ت?? رد عمل ظاهر ڪ??دي ڀارت جي نمائ??دي چيو ته گڏيل قومن خوداراديت واري حق جي اصول کي بقيه 17 نان س??لف گورننگ علائقن جي ڊي ڪالونائيزيشن جي حوالي سان بيان ڪيو هو، نه ئي ڪنهن ميمبر ملڪ جي علائقائي سالميت کي مجروح ڪرڻ جو جواز پيش ڪيو آهي. ڄمون ڪشمير ۽ لداخ هميشه ڀارت جو اڻٽٽ حصو رهيا آهن ۽ رهندا. گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن ۾ قونصلر نعيم صابر خان ان ڳالهه جو فوري جواب ڏي??دي چيو ته نوآبادياتي ملڪن ۽ ماڻهن کي آزادي ڏيڻ جا اعلان نه صرف ڪجهه علائقن جي ماڻهن جا نهن پر سڀني اهڙن ماڻهن جي خوداراديت واري حق هجڻ جي تصديق ڪري ٿو جن جي علائقن ت?? زبردستي قبضو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڄمون ڪشمير کي گڏيل قومن جي نقشن ت?? هڪ تڪراري علائقو قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته اڄ ڀارت ۾ 200 ملين کان وڌيڪ مسلمان، عيسائي ۽ ٻين اقليتن کي سنگين ۽ کليل امتيازي سلوڪ درپيش آهي. ڀارت اندر اسلامو فوبيا ۾ خوفناڪ اضافو بي جي پي ۽ آر ايس ايس حڪومت جي هندو پرست ايجنڊا جي انڌي تقليد ۽ اسلام مخالف ۽ مسلم مخالف بيان بازي جي واضح حمايت جو نتيجو آهي. پاڪستاني نمائ??دي چيو ته ڀارت ۾ اڄ ڪا به اقليت محفوظ ناهي.
گڏيل قومون: ڪشمير تي ڀارتي قبضي کي جديد دور جي نوآبادياتي نظام جو بدترين مظهر قرار ڏيڻ تي پاڪستان ۽ ڀارت جي نمائندن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável