تل ??بيب -24 جون (اي پي پي) اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو چيو آهي، ته غز?? کي ڪنهن به صورت فلسطيني اٿارٽي جي حوالي نه ڪيو ويندو، اتي جنگ جاري رهندي ۽ لبناني سرحد تي پڻ جلد اسرائيلي فوج ٻيهر مقرر ڪئي ويندي. بي بي سي مطابق اسرائيلي ٽي وي چينل کي انٽرويو ۾ هن ??يو ته غز?? جي ڏکڻ واري علائقي رفح ۾ جنگ جو شديد مرحلو ختم ٿي چڪو اهي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته جنگ ختم ٿيڻ واري آهي. اها جنگ جاري رهندي. هن ??يو ته اسرائيل لبنان جي سرحد تي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اسرائيلي فوج جلد ئي ان سرحد تي پنهنجي جٿن کي ٻيهر مقرر ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو. اسرائيل جي وزيراعظم ان خيال کي به رد ڪيو ته غز?? جو ا??تظ??م اولهندي ڪناري ۾ قائم فلسطيني اٿارٽي حوالي ڪيو وڃي. هن ??يو ته هو غز?? ۾ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ يا ان کي فلسطيني اٿارٽي حوالي ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قيمت تي تيار نه ٿيندا. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو خطي جي اڪثر ملڪن سان گڏجي غز?? ۾ هڪ سول ا??تظ??ميه قائم ڪري وٺندا.
غزه کي فلسطيني اٿارٽي جي حوالي نه ڪيو ويندو، جنگ جاري رهندي: اسرائيلي وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا