گڏيل قومون -18 آڪٽوبر (اي پي پي )گڏيل قومن چيو آهي ته سياري جي موسم دوران غزه ۾ 3 لک 45 هزار ماڻهن کي تباهه ڪندڙ بک جهڙا مسئلا درپيش ٿي سگهن ٿا. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن پاران جاري جائزي ۾ چيو ويو آهي ته اٽڪل 3 لک 45 هزار غزه جي شهرين کي سياري جي موسم ۾ امداد نه پهچڻ سبب مشڪلاتون درپيش ٿينديون . رپورٽ ۾ پوري پٽي ۾ غذائي کو?? سبب خبردا?? ڪيو ويو آهي ته گڏيل قومن جي ايجنسين ۽ غير سرڪاري تنظيمن طرفان تيا?? ڪيل رپورٽ ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته اهو انگ انهن هڪ لک 33 هزار ماڻهن جي ڀيٽ ۾ آهي جيڪي هن وقت به تباهه ڪندڙ غذائي عدم تحفظ جو شڪار آهن. انٽيگريٽڊ پرو ويزنل ڪلاسيفيڪيشن فار فوڊ سيڪيورٽي ( آئي پي سي ) جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گرمي جي موسم دوران انساني امداد ۾ اضافي سان غزه جي ماڻهن جي تڪليف ۾ ڪجهه گهٽتائي آئي پر سيپٽمبر ۾ واپاري ۽ انساني امداد جو هڪ ننڍو مقدار غزه ۾ داخل ٿيو. نومبر 2024 ۽ اپريل 2025 ۾ تباهه ڪندڙ غذائي عدم تحفظ کي منهن ڏيندڙ ماڻهن جو انگ 3 لک 45 هزار ماڻهن تائين ٿيڻ جو امڪان آهي. اهو آبادي جو 16 سيڪڙو حصو هوندو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته امداد جي فراهمي ۾ گهٽتائي ايندڙ مهينن ۾ خاندانن جو پاڻ کي کاڌو کائڻ ۽ بنيادي شين ۽ خدمتن تائين پهنچ جي صلاحيت کي نمايان طور تي محدود ??ري ڇڏيندو اهو ان وقت تائين رهندو جيستائين صورتحال ۾ تبديلي ??ٿي اچي. ياد رهي ته آمريڪا گذريل ڏينهن اسرائيل کي خبردا?? ڪيو هيو ته اسرائيل کي ڏنل اربين ڊالرن جي فوجي امداد جو ڪجهه حصو ان صورت ۾ بند ??ري سگهي ٿو جيڪڏهن غزه پٽي کي 30 ڏينهن اندر امداد جي فراهمي ۾ به??ري نٿي اچي فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي( يو اين آر ڊبليو اي ) جي ڪمشنر جنرل فلپ لازاريني خبردا?? ڪيو هو ته غزه ۾ ڏڪار جو خطرو آهي . فوڊ سيڪورٽي جي مربوط عبوري درجه بندي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نومبر 2024ع ۽ اپريل 2025 وچ ۾ ڏڪار جو خطرو آهي. هڪ اندازي موجب نومبر ۽ اپريل جي ڇهن مهينن کان 04 سالن جي عمر جي ٻارن ۾ شديد غذائي کو?? جا اٽڪل 60 هزا?? ڪيس ريڪارڊ ٿيڻ جو خدشو آهي. گڏيل قومن جي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائزيشن ( ايف اي او ) جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل بيٿ بيچڊول چيو ته اسان کي شديد بک ۽ غذائي کو?? جي گهٽتائي کي گهٽائڻ لاءِ فوري طور تي ڪم ڪرڻ گهرجي.
سياري جي مُند ۾ غزه ۾ ٽي لک 45 هزار ماڻهن کي غذائي کوٽ جهڙا مسئلا درپيش ٿي سگهن ٿا: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ