اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ازبڪ صدر اسلام ڪريموف جي لاڏاڻي تي تعزيت جي اظهار لاءِ ازبڪستان جي سفارتخاني ويو. هن تعزيت?? ڪتاب تي صحيحون ۽ پنهنجا تاثر لکيا. ازبڪ صدر اسلام ڪريموف گذريل جمعي تي لاڏاڻو ڪري ويو هو. وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن و??رو صلاحڪار سرتاج عزيز پڻ وزيراعظم سان گڏ هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سوڳوار خاندان ۽ ازبڪ قوم سان تعزيت ڪئي. هن ياد ڏياريو ته ازبڪستان پنهنجي صدر اسلام ڪريموف ج?? قيادت ۾ سمورن شعبن ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي.
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل