اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته آصف ع??ي زرداري آمريڪا ۾ موجود پنهنجي اپارٽمينٽ کي نامزدگي ڪاغذن ۾ ظاهر ناهي ڪيو، پاڪستان تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن ۾ آصف ع??ي زرداري جي نااهلي جي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اثاثا لڪائڻ جي ڪري آصف ع??ي زرداري قومي اسيمبلي جو ميمبر هجڻ جو اهل ناهي رهيو، ڪرپشن جي جاچ آزاد??ڻي طريقي سان اڳتي وڌي رهي آهي، حڪومت کي ڪو سياسي چئلينج به درپيش نه آهي، مخالف ڌر جا ماڻهو تاش جي پتن وانگر وکري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار