اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) ماحوليات جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي ادارن ماحولياتي تبديلين جي خراب اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ايڪو نظام جي بحالي لاءِ پاڪ??تا?? جي قدمن کي ساراهندي قدرتي ماحول جي تحفظ لاءِ گڏيل عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. عالمي ادارن ماحولياتي تحفظ لاءِ پاڪ??تا?? جي حڪومت جي عزم ۽ قدمن جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ چيو ته ان سان مل?? ۾ قدرتي ماحول ۽ آبگاهن جي تحفظ ۾ مدد ملندي. اها ڳالهه ماحوليات ۽ ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي ادارن جي عهديدارن پاڪ??تا?? جي ميزباني ۾ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ??يگ?? ورچوئل گالا ۾ پنهنجي پيغامن ۾ چئي. ماحوليات جي علامي ڏهاڙي جي موقعي تي ??يگ?? ورچوئل گالا ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيو، گالا جي پهرين سيشن جي صدارت ماحوليات واري مملڪتي وزير مل?? امين اسلم جڏهن ته ميزباني جا فرص سينيٽر فيصل جاويد ادا ڪيا، اجلاس جي آغاز تي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سيڪريٽري ناهيد ايس دراني چيو ته اسان جي لاءِ اها خوشي ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته پاڪ??تا?? ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني ڪري رهيو آهي، اهو ماحوليات جي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان پاڪ??تا?? جي ڪوششن ۽ قدمن جو اعتراف آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? پنهنجي وسيلن مان ماحوليات جي تحفظ لاءِ قدم کنيا آهن، مشڪل چئلينجن جي باوجود وزيراعظم عمران خان سرسبز ۽ شاداب ايجنڊا کي مرڪزي حيثيت ڏني آهي، سيڪريٽري چيو ته پاڪ??تا?? قدرتي ماحول جي تحفظ، ٻيلن جي رقبي ۾ اضافي، ماحول دوست معيشت ۽ ر??زگار، آبگاهن جي تحفظ ۽ عورتن ۽ نوجوانن سميت مل??ي آبادي کي روزگار جي فراهمي لاءِ جامع پروگرام جوڙيو آهي، گڏيل قومن جي اداري يو اين سي سي ڊي جي ايگزيڪيٽو سيڪريٽري ابراهيم ??يگ?? گالا ۾ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ماحولياتي تحفظ ۽ ايڪو نظام جي بحالي لاءِ مضبوط سياسي عزم جي ضرورت آهي.
ماحوليات جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي ادارن پاران ايڪو نظام جي بحالي لاءِ پاڪستان جي قدمن جي واکاڻ
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena