اسلام آ??اد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان ??در جي جامع مسجد مان ??معي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ۽ ايوان ??در جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي، ان موقعي تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز خطبو ڏنو. هن پنهنجي خطبي ۾ عبادت سان گڏوگڏ روز مره جي معاملن ۾ بهتري جي اهميت تي روشني وڌي، هن رسول اڪرم ﷺ جي سيرت سان ??سن اخلاق، احترام انسانيت ۽ صله رحمي جي رخن کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته پاڻ ﷺ جو ڪردار ۽ شخصيت اسان ??ي لاءِ رول ماڊل آهي، اسان کي منبر ۽ محراب ۽ ميڊيا جي ذريعي انهن صفتن کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن کي اختيار ڪري اسان ??و معاشرو بهتري طرف گامزن ٿي سگهي ٿو. ان موقعي تي ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشح??لي لاءِ دعا ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان کان ??ڳ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو هو ته عوام جي رهنمائي لاءِ ايوان ??در مان هر جمعي تي 15 منٽن لاءِ بهترين مقرر خطبو ڏيندا.
ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس