اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت جو فروغ ??اڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي اولين ترجي??ن ۾ شامل آهي، اها ڳالهه هن وزيراعظم عمران خان جي سياحتي رابطن واري خصوصي صلاحڪار اعظم جميل سان ڳالهائيندي ??ئي. جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي ملاقات دوران سياحت جي فروغ ??اءِ مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزي چيو ته پاڪستان ۾ سياحت جو فروغ ??زيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي اولين ترجي??ن ۾ شامل آهي. 2019ع ۾ پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ مثالي ترقي ٿي، هن چيو ته ڪورونا جي ڪري جتي باقي شعبا متاثر ٿيا اتي سياحت جي شعبي کي به شديد نقصان پ??تو، ڪورونا جي صورتحال ۾ بهتري کانپوءِ سڄي دنيا جا سياح ٻيهر سياحت طرف متوجهه ٿي رهيا آهن، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان سياحت جي فروغ ??اءِ پاڪستان اچڻ جي خواهشمند سياحن لاءِ آن ويز سميت ڪيتريون ئي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون، منهنجو اسپين جي دوري دوران گڏيل قومن جي سياحت بابت عالمي تنظيم (يو اين ڊبليو ٽي او) جي سيڪريٽري جنرل سان فائديمند ملاقات ٿي، وزيراعظم جو سياحتي رابطن وارو خصوصي صلاحڪار اعظم جميل پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي پرڏيهي وزارت جي مدد سان هڪ ??ام?? قومي سياحتي پاليسي جلد جوڙڻ جو اشارو ڏنو.
پاڪستان ۾ سياحت جو فروغ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل