اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته گڏيل قومن ۽ او آءِ سي امن ۽ افهام تفهيم جي ڪلچر کي وڌائڻ جي ??اء?? گڏجي ڪم ڪيو آهي، هن اها ڳالهه 48 هين او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغ??م ۾ چئي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل لاڳاپا هلي رهيا آهن جيڪي گهڻ رخي تعاون، ڊائيلاگ ۽ يڪ??هت?? جي مستحڪم بنيادن تي قائم آهن. هن چيو ته اسان جي ٻنهي تنظيمن امن ۽ افهام تفهيم جي ڪلچر کي وڌائڻ جي ??اء?? گڏجي ڪم ڪيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته تازن سالن ۾ اسان ثالثي، دهشتگردي جي خاتمي، پرتشدد انتهاپسن??ي کي روڪڻ، مسلمانن جي خلاف نفرت جو مقابلو ڪرڻ ۽ مذهبي ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ سميت اهم ش??بن ۾ تعاون ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد