اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عوام سڀ ڄاڻي ٿو، پنهنجي ڏوه??ري کي سڃاڻي ٿي، معاشي تباهي جو چهرو صرف عمران خان آهي، نواز شريف ۽ شهباز شريف جي دور ۾ سدائين مهانگائي ۽ ڪرپشن ختم ٿي، نواز شريف، شهباز شريف ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) سدائين عوام کي رليف ڏنو آهي، عمران خان جي معاشي ڏوهه جي سزا پاڪستان جي عوام کي نٿا ڏيڻ چاهيون. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته پيٽرول جي قيمت وڌائڻ آسان آهي، پر اسان عوام کي وڌيڪ تڪليف کان بچائڻ چاهيون ٿا. عوام وڌيڪ غريب نه ٿئي. ان تي وڌيڪ بار نه پوي، ان ل??ءِ پيٽرول جي قيمت نه وڌائي رهيا آهيون. هن چيو ته عمران خان کي پنهنجي معاشي ڏوهه جو بار کڻڻ ۽ جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته مهانگائي وڌائڻ مسلم ليگ ن جي لاءِ ان جي منشور جي خلاف آهي، مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف دهشتگردي جو خاتمو ڪيو، لوڊشيڊنگ ختم ڪئي، مهانگائي گهٽ ڪئي، هن چيو ته مهانگي اٽي، مهانگي گئس، مهانگي بجلي، مهاگين دوائن جو حساب عمران خان کي ڏيڻو پوندو، اطلاعات و??ري وفاقي وزير مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومتي دورن ۾ معاشي، اقتصادي ۽ شين جي قيمتن جي ڀيٽ پيش ڪندي چيو ته نواز شريف جي دور ۾ ڊالر 116 روپيا هو جنهن کي عمران خان 189 روپين تائين پهچائي ڇڏيو، هن چيو ته 1947ع کان 2018ع تائين سڀني حڪومتن گڏجي 71 سالن ۾ 24953 ارب روپيا قرض حاصل ڪيو ان جي ابتڙ عمران خان صرف ساڍا ٽن سالن۾ قرض کي 42745 ارب روپين تائين وڌائي ڇڏيو. مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف قومي ترق?? جي شرح 6.1 سيڪڙو تي پهچائي، عمران خان پهرين ان کي منفي ۾ پهچايو ۽ هاڻي 4 سيڪڙو متوقع آهي، هن چيو ته نواز شريف جي دور ۾ مهانگائي 3.9 سيڪڙو هئي، عمران خان ان کي 13 سيڪڙو تائين پهچايو، نواز شريف جي دور ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 700 روپين جو هو جيڪو عمران خان جي دور ۾ 11 سئو روپين جو ٿيو، نواز شريف جي دور ۾ کنڊ 52 روپيا في ڪلو هئ?? جيڪا عمران خان جي دور ۾ 120 روپيا في ڪلو ٿي، نواز شريف جي دور ۾ گيهه 151 روپيا ڪلو هو عمران خان جي دور ۾ 470 روپيا ڪلو ٿي ويو. نوازشريف جي دور ۾ بجل?? جي في يونٽ قيمت 11 روپيا هئ?? جيڪا عمران خان جي دور ۾ 24 روپيا ٿي وئي، نواز شريف جي دور ۾ گئس جي قيمت 600 روپيا ايم ايم بي ٽي يو هئ?? جيڪا عمران خان جي دور ۾ 1400 روپيا ايم ايم بي ٽي يو ٿي وئي. اهڙي طرح نواز شريف جي دور ۾ ڀاڻ جي ٻور?? جي قيمت 1380 روپيا هئ?? جيڪا عمران خان جي دور ۾ 3 هزار روپين تائين وڪرو ٿي، اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ مالي خسارو 2260 ارب روپيا هو جيڪو عمران خان 5600 ارب روپين تائين پهچائي ڇڏيو. جڏهن ته واپ??ري خس??ري مسلم ليگ(ن) جي دور ۾ 30.9 ارب ڊالر هو جيڪو عمران خان جي دور ۾43 ارب ڊالر تائين په??ي ويو،هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ جي ڊي پ?? جي حساب سان ٽيڪس 11.1 سيڪڙو هو، يعني ٽيڪس وصولين ۾ اضافو ٿيو، عمران خان جي دور ۾ جي ڊي پ?? جي تناسب سان ٽيڪس گهٽ ٿي ڪري 9.2 سيڪڙو تي ا??ي ويو. مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ بيروزگارن جو تعداد گهٽجي 35 لک رهجي ويو هو، جڏهن ته عمران خان جي دور ۾ 60 لک ماڻهو بيروزگار ٿيا ۽ ڪل تعداد 95 لک ٿي ويو، هن چيو ته نواز شريف جي دور ۾ پاڪستان ۾ ڪرپشن گهٽ ٿي، عالمي درجا بندي ۾ پاڪستان 117 نمبر تي ا??ي ويو، عمران خان جي دور ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽٽا، عالمي درجا بندي ۾ پاڪستان 23 پوائنٽس مٿي ٿي ويو، هن چيو ته عمران خان ٻڌائي؟ پاڪستان ۾ ڪرپشن ڇو وڌي، 117 کان پاڪستان 140 نمبر تي ڇو ويو؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ اليڪشن نه پر ملڪ ۾ صرف انتشار چاهي ٿي، اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جمهوري ملڪ آهي ان ۾ قومي سياسي، عوامي پارٽيون آهن. انهن جي مشاورت سان چونڊن جو فيصلو ٿيندو، عمران خان ۽ ان جا حو??ري پاڪستان ۾ هڪ ماڻهو، هڪ پارٽي ۽ هڪ سوچ جي حڪمراني چاهين ٿا، ائين نه ٿيندو، اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته هڪ پارٽ?? جي حڪمراني جو مطلب فسطائيت ۽ آمريت هوندو آهي. اهو بيان انهي منفي غير جمهوري سوچ جو اظهار آهي.
عوام سڀ ڄاڻي ٿو، پنهنجي ڏوهاري کي سڃاڻي ٿي، معاشي تباهي جو چهرو صرف عمران خان آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری