اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وز??را??ظم جي هدايت تي پيرڪوه?? ڊيره بگٽي ۾ حڪومت جي وقت سر قدمن جي ڪري هيضي جي وبا تي ضابطو آندو ويو. وز??را??ظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب 3615 متاثرين جي مڪمل صحتيابي کانپوءِ اسپتال ۾ علاج هيٺ مريضن جو انگ 3 رهجي ويو. پيرڪوه?? ڊيره بگٽي ۾ گذريل ڏينهن هيضي جي وبا پکڙجڻ تي وز??را??ظم شهباز شريف جي خاص هدايتن تي وبا تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ انتظام ڪيا ويا، ??ن ڏس ۾ وز??را??ظم کي بلوچستان حڪومت پاران حتمي رپورٽ پيش ڪئي وئي. رپورٽ موجب پيرڪوه?? ڊيره بگٽي ۾ هيضي جي وبا جو ڦهلاءُ پٿر نالي جي قدرتي چشمي مان پاڻي جي استعمال سان ٿيو. وز??را??ظم جي هدايت کانپوءِ پاڻي جي استعمال کي روڪڻ جي لاءِ انتظام ڪيا ويا جڏهن ته ان جي ڪلورينشن کانپوءِ ان کي پيئڻ کانسواءِ استعمال جي لاءِ کوليو ويو آهي. رپورٽ موجب وز??را??ظم جي هدايتن جي روشني ۾ صوبائي حڪومت پاران فوري طور تي دوائن جي فراهمي لاءِ فنڊز فراهم ڪيا ويا، پيرڪوهه ۾ هنگامي بنيادن تي ٻه ميڊيڪل ڪئمپس ۽ بي ايڇ يو پيرڪوهه کي 20 بسترن تي ٻڌل اسپتال ٺاهڻ سان گڏوگڏ ڪوئيٽا مان 24 ڊاڪٽرن ۽ 32 پيراميڊيڪل اسٽاف جي عملي کي پيرڪوهه مقرر ڪيو ويو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پيرڪوهه ۽ ڊيره بگٽي ۾ ليبارٽريون قائم ڪيون ويون ان کانسواءِ مقامي انتظاميا جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ گهر گهر آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٽيمن جي جوڙجڪ ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وبا تي ضابطو آڻڻ ۽ آپريشن جي نگراني جي لاءِ منشيات جي خاتمي وارو وزير نوابزاده شاهه بگٽي، چيف سيڪريٽري بلوچستان، صوبائي هيلٿ سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موقعي تي موجود رهيا، ??حت جي عالمي اداري جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر پليٿا پڻ ڊيره بگٽي جو دورو ڪيو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ فوري طور تي هڪ ڪروڙ رپين جي فراهمي ۽ پي ڊي ايم اي پاران 4000 گيلنز صاف پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ ٽينڪس فراهم ڪيا ويا. وز??را??ظم جي خصوصي هدايت تي پيرڪوهه زينڪوهه ۾ واٽر سپلاءِ جي اسڪيمن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. متاثر ماڻهن کي فوري طور تي طبي امداد سان گڏوگڏ صاف پاڻي ۽ کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪيون ويون. رپورٽ موجب ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پاران وبا تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ هڪ ايمبولينس، دوائون، هڪ 12 بسترن تي ٻڌل اسپتال فراهم ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مستقبل ۾ ??هڙ?? واقعن کان بچاءُ جي لاءِ گهٽ مدي ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي مڪمل ڪئي وئي آهي.
وزيراعظم جي هدايت تي پيرڪوهه ڊيره بگٽي ۾ حڪومت جي وقت سر قدمن جي ڪري هيضي جي وبا تي ضابطو آندو ويو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین