اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي بي مثال آهي، چين هر اندروني ۽ ٻاهرئين محاذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد جي لاءِ موجود رهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن او??رسيز جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن او??رسيز جي صدر زانگ گيوليانگ ڪئي. ملاقات ??وران وزيراعظم چيو ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي بي مثال آهي، چين هر اندروني ۽ ٻاهرئين محاذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ موجود رهيو آهي. هن چيو ته تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو مقابل?? ڪرڻ ۽ ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ جاري ڪمن ۾ چين پاڪستان جي تمام گهڻي مدد ڪئي. چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن او??رسيز پاران ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ هڪ وڏي رقم جو چيڪ پڻ وزيراعظم جي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ پيش ڪيو ويو. ملاقات ۾ پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جا خا?? معاونين طارق فاطمي، ظفرالدين محمود ۽ پاڪستان ۾ چين جو سفير نونگ رونگ پڻ شريڪ ٿيا.
چين ۽ پاڪستان جي دوستي بي مثال آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ