ماسڪو – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) سچ جي فروغ ۽ مس انفارميشن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ روس ۽ اسلامي دنيا جي وچ ۾ ??يڊ??ا جي شعبي ۾ تعاون کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه روس جي گادي واري شهر ماسڪو ۾ ”روس ۽ اسلامي دنيا – ??يڊ??ا جي شعبي ۾ تعاون جا عملي قدم“ جي موضوع تي منعقد ڪانفرنس کي خطاب ۾ مقررين ڪئي. جاري پڌرائي موجب ڪانفرنس جو اهتمام او آءِ سي نيوز ايجنسينز جي يونين (يو اين اي)، گروپ آف اسٽريٽجڪ ويزن رشيا – اسلامڪ ورلڊ ۽ اسپتنڪ انٽرنيشنل نيوز ايجنسي ڪيو هو. عالمي ڪانفرنس ۾ روسي فيڊريشن جي عملدارن، اسلامي تعاون تنظيم، علائقائي ۽ عالمي ادارن جي نمائندن ۽ مختلف ملڪن ??ان تعلق رکندڙ ??يڊ??ا ماهرن شرڪت ڪئي. تاتارستان جي صدر ۽ گروپ آف اسٽريٽجڪ ويزن ”رشيا – اسلامڪ ورلڊ“ جي چيئرمين رستم مني خانوف ڪانفرنس کي پنهنجي وڊيو خطاب ۾ چيو ته روس ۽ اسلامي دنيا جي وچ ۾ لاڳاپا تاريخي لحاظ کان اعليٰ درجي جي اعتماد ۽ تعاون تي ٻڌل آهن. ڪوڙيون خبرون ڦهلائڻ جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي هن چيو ته مسلمان ملڪن ??ان ??يڊ??ا جي ذريعي تعاون روس جي عالمي پاليسي جو بنيادي رخ آهي. فيڊريشن ڪائونسل ڪميٽي آن انٽرنيشنل افيئرز جي چيئرمين گريگوري ڪاراسين ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته روس مختلف قوميتن ۽ مذهبن جي مڃيندڙن جو ملڪ آهي ۽ ان جا شهري روايتي طور تي اسلامي ملڪن ??ان لاڳاپا مضبوط بڻائن جا حامي آهن. هن چيو ته هن ڪانفرنس جي انعقاد جو مقصد يونين آف او آئي سي نيوز ايجنسيز ۽ روسي ??يڊ??ا جي وڏن ادارن جي وچ ۾ سڌوسنئون تعاون قائم ڪرڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ آهي ته جيئن روس ۽ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ برابر بنيادن تي تعاون کي فروغ ۽ شهرين کي سچي ۽ حقيقت تي ٻڌل ۽ تعصب کان پاڪ اطلاعات تائين پهچ جا برابر موقعا فراهم ڪري سگهجن. او آءِ سي جي لاءِ روسي فيڊريشن جي مستقل نمائندي رمضان ??بد??لطيفوف ان موقعي تي او آءِ سي جي سيڪريٽري ۽ روس جي لاءِ ان جي نائب ??ان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته سندس ملاقاتن ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ رهنما رخن جوڙيا ويا. هن چيو ته هاڻي ا??ان کي روس او آءِ سي تعاون جي اهم رخ جي لاءِ معلومات تي ٻڌل مدد ۽ حمايت فراهم ڪرڻي آهي. يونين آف او آءِ سي نيوز ايجنسيز جي وقتي ڊ??ئر??ڪٽر جنرل محمد ??بد??لربواليامي ڪانفرنس کي پنهنجي وڊيو خطاب ۾ روس ۽ اسلامي ملڪن جي وچ ۾ ڊگهي مدي واري تعاون کي وڌائڻ ۾ گروپ اف اسٽريٽجڪ ويزن جي نمايان ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو مقصد اسلامي دنيا ۽ روس جي وچ ۾ ??يڊ??ا جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ عملي قدمن جي ڳولا آهي. هن ڪانفرنس ۾ شريڪ سمورن نمائندن تي زور ڏنو ته اهي بطور صحافتي اداري يونين آف او آءِ سي نيوز ايجنسيز جي صلاحيت مان فائدو کڻن. يونين آف او آءِ سي نيوز ايجنسيز جو غيرجانبدار انٽرنيشنل ٽريننگ ??ينٽر پنهنجي 57 ميمبر ملڪن ۽ چئن وڏن ملڪن مان نمائندن جو مرڪز آهي ۽ اهو ٽن عالمي زبانن عربي، انگريزي ۽ فرانسيسي ۾ خبرن جو عالمي پليٽ فارم آهي. هن چيو ته يونين آف او آءِ سي نيوز ايجنسيز پنهنجي قيام کان ئي اعتدال پسندي ۽ اسلامو فوبيا جي مختلف صورتن جي اظهار جي مخالفت جي اصولن تي قائم آهي. گڏيل عرب امارات جي خابرو اداري وام جي ڊ??ئر??ڪٽر جنرل محمد جلال الرئيسي چيو ته روس ۽ مسلم دنيا قديم ۽ تاريخي رشتن ۾ ڳنڍيل آهي ۽ گڏيل عرب امارات کي روس ??ان پنهنجي ڊگهي تاريخي لاڳاپن تي فخر آهي. هن چيو ته ا??ان جي گڏيل اتحاد ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جا ڪيترائي سبب آهن. ا??ان جو مقصد دنيا ۾ رونما ٿيندڙ واقعن بابت صحيح ۽ حقيقتن تي ٻڌل معلومات جي فراهمي آهي. هن چيو ته ڀائيچاري ۽ تحمل جهڙن قدرن جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ هڪ هڪ فريم ورڪ جي جوڙجڪ ضروري آهي. او آءِ سي جي ??يڊ??ا لينڊ ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽ جي ڊ??ئر??ڪٽر وجدي سندي پنهنجي خطاب ۾ ??يڊ??ا جي شعبي ۽ روس جي ناليوارن صحافتي ادارن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته او آءِ سي ??يڊ??ا جي شعبي ۾ تعاون ۽ يڪجهتي کي مضبوط بڻائڻ جي حوصلا افزائي ڪري ٿي. روسي پرڏيهي وزارت جي پريس سينٽر جي سربراهه ۽ ڊپارٽمينٽ آف انفارميشن اينڊ پريس جي ڊپٽي ڊ??ئر??ڪٽر ايوان نيڪايوف پنهنجي خطاب ۾ مسلم ملڪن جي صحافين ??ان پنهنجي وزارت جي تعاون جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته روس مختلف قوميتن ۽ مختلف مذهبن جي مڃيندڙن جو ملڪ آهي ۽ مختلف ثقافتن ??ان تعلق رکندڙن جي وچ ۾ هم آهنگي جو ڀرپور ۽ تاريخي تجربو رکي ٿو. هن چيو ته اسلامي دنيا ??ان تعاون جو فروغ روسي پرڏيهي پاليسي ڊاڪٽرائن جي اهم ترين ترجيح آهي. ان موقعي تي يونين آف او آءِ سي نيوز ايجنسيز ۽ انٽرنيشنل وڊيو ايجنسي (رپٽلي) جيڪا ويزوئل نيوز ڪانٽينٽ جي فراهمي ۾ خصوصي مقام رکي ٿي، جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون.
سچ جي فروغ ۽ مس انفارميشن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ روس ۽ اسلامي دنيا جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي: ماسڪو ميڊيا ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ