ڪراچي – 02 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سستي توانائي پاڪستان جي ضرورت آهي، ڊيمز جي تعمير ۽ متبادل توانائي جي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان کي سستي توانائي حاصل ڪرڻ سان اربين ڊالرن جي بچت ٿيندي، سي پيڪ جو منصوبو ويجهي ماضي ۾ پنهنجي پيدا ڪيل مشڪلاتن جي ڪري تعطل جو شڪار ٿيو، سي پيڪ منصوبن ۽ چيني ڪمپنين سان حصيداري وڌائينداسين، جنهن سان ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪي ٿري منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چي?? ته سندس لاءِ ان منصوبي جو افتتاح ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، ان منصوبي سان ملڪ ۾ توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چي?? ته پاڪستان 27 بلين ڊالر جي پيٽروليم مصنوعات درآمد ڪري ٿو، جيڪو اسان جي لاءِ وڏي مالي مشڪلاتن جو سبب آهي، هن پلانٽ ??ان سستي توانائي حاصل ٿيندي، جيڪا پاڪستان جي وڏي ضرورت آهي. وزيراعظم چي?? ته الله تعاليٰ پاڪستان کي اهڙا وسيلا مهيا ڪيا آهن ته اسان هائيڊل ۽ ٻين ذريعن سان سستي بجلي پيدا ڪري سگهون ٿا پر اسان ان سگهه کان گهٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چي?? ته ديامير ڀاشا ۽ داسو ڊيم تعمير هيٺ آهن، انهن جي آپريشنل ٿيڻ ۾ وڌيڪ 4، 5 سال لڳندا، پاڪستان سج ۽ هوا مان سستي بجلي حاصل ڪري سگهي ٿو، ايندڙ سالن ۾ متبادل توانائي جي منصوبن مان سستي بجلي حاصل ٿيندي. هن چي?? ته ٿر ۾ الله تعاليٰ اسان کي تمام گهڻن قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، جيڪي اسان جي ايندڙ ڪيترن ئي سئو سالن جي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهن ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. حڪومت متبادل توانائي جي منصوبن تي ڪم اڳتي وڌائيندي ته جيئن پيٽروليم مصنوعات جي مد ۾ خرچ ٿيندڙ اربين ڊالر بچي سگهن. وزيراعظم چي?? ته ڪي ٿري منصوبي کي نواز شريف جي دور ۾ حتمي شڪل ??ني وئي، اڄ اهو 1100 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي، ان تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ چيني دوستن سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي. هن چي?? ته پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان وڏي پئماني تي تباهي ٿي ۽ 30 ارب ڊالر جو معاشي نقصان ٿيو، ان صورتحال ۾ اسان چيني دوستن مان اميد ڪريون ٿا ته اهي في يونٽ قيمت ۾ گهٽتائي ڪندا. وزيراعظم چي?? ته چشما فائيو جو معاهدو به جلد ٿيندو. پاڪستان ۽ چين بهترين دوست ۽ ڀائر آهن، گذ??يل 75 سالن دوران اسان جي دوستي وقت جي هر آ??مائش تي پورو لٿي آهي ۽ هر قسم جي حالتن ۾ چين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. هن چي?? ته 2015ع ۾ نواز شريف جي سربراهي ۾ سي پيڪ تحت اربين ڊالرن جي منصوبن تي صحيحون ٿيون، جنهن تحت اڄ هزارين ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ سي پيڪ تحت ٻيا ڪيترائي منصوبا به جاري آهن. وزيراعظم چي?? ته پاڪ چين دوستي هاڻي اڳئين مرحلي ۾ داخل ٿيندي. ويجهي ماضي ۾ سي پيڪ پنهنجي پيدا ڪيل مشڪلاتن سبب تعطل جو شڪار ٿيو. انڊسٽ??يل زونز ٺهڻا هئا جيڪي نه ٺهي سگهيا، هاڻي اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته انهن منصوبن کي اڳتي وڌايون، پشاور کان ڪراچي ريلوي جي ايم ايل ون منصوبي سان انقلاب ايندو. وزيراعظم پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي عملدارن، سائنسدانن، انجنيئرز ۽ اسٽاف کي منصوبي تي ڏينهن رات محنت ڪرڻ تي شاباس ??ني ۽ چي?? ته اهي ڀرپور ساراهه جي لائق آهن. وزيراعظم چين سان حصيداري کي اهم قرار ڏيندي چي?? ته وڌيڪ منصوبن جي شروعات ۽ پڄاڻي جي لاءِ چيني ڪمپنين سان معاهدا ڪيا ويندا. هن منصوبي تي ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين جي عهديدارن، انجنيئرز ۽ اسٽاف جا به ٿورا مڃيا ۽ دعوت ??ني ته گڏجي وڌيڪ منصوبن جي لاءِ اڳڀرائي ڪئي وڃي. بعد ۾ وزيراعظم ڪي ٿري آپريشنز روم جو دورو ڪيو، جتي کيس منصوبي جي حوالي سان بريفنگ ??ني وئي.
سستي توانائي پاڪستان جي ضرورت آهي، ڊيمز جي تعمير ۽ متبادل توانائي جي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان کي سستي توانائي حاصل ڪرڻ سان اربين ڊالرن جي بچت ٿيندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا