اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ دستياب سيڙپڪاري جي موقعن ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين کي اجاگر ڪندي چيو آ??ي ته آءِ ٽي سيڪ??ر جي ترقي ملڪ جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي، غيرملڪي واپارين ۽ سيڙپڪارن کي ان اهم شعبي ۾ سيڙپڪاري سميت ترقي جي بي پناهه امڪانن مان فائدو کڻڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيني ڪمپني ايزي وي انوويشن ٽيڪنالاجي ڪمپني لميٽيڊ جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آ??يسر جو هانيو ڪري رهيو هو. صدر چيو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي ڪاروباري ادارن جي لاءِ 10 سال جي ٽيڪس ڇوٽ سميت مختلف مراعتن جي آڇ ڪري ٿي ۽ چيني آءِ ٽي ڪمپنين کي انهن موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. چيني وفد جي سر??را??ه صدر کي مختل?? آءِ ٽي خدمتن ۽ صنعتي حل فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجي ڪمپني جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته ايزي وي سمارٽ ٽرانسپورٽيشن، سمارٽ لاجسٽڪس ۽ ٻين شعبن جي لاءِ ٺوس حل ۽ پيشيواراڻي سافٽ ويئر ڊيولپمينٽ ف??اهم ڪري ٿي. هن ٻڌايو ته ان جي ڪمپني پاڪستان جي ريلوي جي لاءِ اي – ٽڪيٽنگ سسٽم تيار ڪيو آ??ي جنهن سان اداري جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي.
آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي ملڪ جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا