اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات قابل تجديد توانائي جي منصوبن جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪوپ – 28 جي صدر ۽ موسميات?? تبديلي بابت گڏيل عرب امارات جي خصوصي نمائندي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير ڊاڪٽر سلطان احمد الجابر جي قيادت ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي جي منصوبن جي ترقي جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون پڻ ڪيون ويون. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪوپ – 28 جي صدر ۽ موسميات?? تبديلي بابت گڏيل عرب امارات جي خصوصي نمائندي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير ڊاڪٽر سلطان احمد الجابر صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته پاور ڊويزن واري سيڪريٽري راشد محمود لنگڙيال ۽ يو اي اي جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر واري وزارت جي انڊر سيڪريٽري شريف العلم پنهنجي پنهنجي ملڪن پاران مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏنو ۽ ڊاڪٽر سلطان احمد الجابر جي ڪوپ – 28 جي صدر طور مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن ان اهم عالمي ڪانفرنس ۾ ان جي مقرري تي مڪمل اعتماد ظاهر ڪيو. وزيراعظم ڪانفرنس جي ڪاميابي جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام موڪل??و. ??ها ڪانفرنس هلندڙ سال 30 نومبر کان 12 ڊسمبر جي وچ ۾ دبئي ۾ ٿيندي. وزيراعظم موسميات?? تبديلي کي منهن ڏيڻ قابل تجديد توانائي جي منصوبن جي فروغ جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي ڪوشش?? کي ساراهيندي ڪوپ – 28 جي ڪاميابي جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان ۾ گذريل سال تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران تعاون تي گڏيل عرب امارات جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدي ۾ اهم معاونت تي پڻ گڏيل عرب امارات جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم وفد کي اسپيشل انويسٽمينٽ فسيلي ٽيشن ڪائونسل بابت پڻ آگاهه ڪيو جنهن جو مقصد مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ غيرملڪي سيڙپڪار?? کي سهولت ڏيڻ آهي. هن شمسي توانائي جي هڪ هزار ميگاواٽ جي منصوبن بابت تفصيلن کان پڻ آگاهه ڪيو جن بابت روڊ شو دبئي ۾ منعقد ڪيو ويو هو. ڊاڪٽر سلطان احمد الجابر گڏيل عرب امارات جي قيادت پاران وزيراعظم کي نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. هن سمورن شعبن ۾ پاڪستان ۾ حصيداري ج?? خواهش جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان سان قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ تعاو?? کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي قيادت جي هدايتن تي زور ڏنو جنهن سان پاڪستان جي لاءِ توانائي جي تحفظ کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ڊاڪٽر سلطان احمد الجابر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هو پاڪستا?? کي موسميات?? تبديلي بابت ڳالهه ٻولهه ۾ هڪ اهم حصيدار طور ڏسي ٿو ۽ هن موسميات?? تبديلي جي سفارتڪاري ۾ پاڪستان جي فعال ڪردار کي ساراه??و. ??ن موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، موسميات?? تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ سينيئر عملدار پڻ موجود هئا.
پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات پاران قابل تجديد توانائي جي منصوبن جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste