اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ ٽائرن جي صنعت ۾ چيني ڪمپني جي پاڪستاني ڪمپني سان جوائنٽ وينچر جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان چيني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ هر قسم جي مدد فراهم ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سروس لانگ مارچ ٽائرز ۽ چائيويانگ لانگ مارچ ٽائرز جي وفد چيئرمين لي چنگوين جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. خصوصي صلاحڪار طارق پاشا ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار به ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم وفد جي پاڪستان ۾ ٽائرن جي صنعت ۾ ناليواري پاڪستاني ڪمپني سان جوائنٽ وينچر جي ذريعي سيڙپڪاري جي آجيان ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته چيني ڪمپني جي سيڙپڪاري سان قائم پلانٽ سان پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ ٽائر عالم?? منڊين ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن. ڪمپني جي پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ ٽائرن هڪ سال جي گهٽ وقت ۾ عالم?? منڊين ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي آهي. ڪمپني پاڪستان ۾ ٽائرن جي پيداوار کي وڌائي سالياني روانگي واپار کي 200 ملين ڊالر تا??ين کڻي ويندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي چيني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ ٽائرن جي صنعت جي بهتري لاءِ هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن لاڳاپيل عملدارن کي ٽائرن جي اسمگلنگ کي ر??ڪڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽائر ۽ اسپيئر پارٽس جي اسمگلنگ ر??ڪڻ جي لاءِ جامع پاليسي جلد پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، چين پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ ڀائ??ن وانگر م??د ڪئي. هن يقين ڏياريو ته پاڪستان چيني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ هر قسم جي مدد فراهم ڪندو.
وزيراعظم پاران پاڪستان ۾ ٽائرن جي صنعت ۾ چيني ڪمپني جي پاڪستاني ڪمپني سان جوائنٽ وينچر جي آجيان
مضمون کا ماخذ : loteria estadual