اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون جاري آهن. پرڏيه?? آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفن?? ۾ ??يو ته والاريل علائقي ۾ عورتون پنهنجي خاندانن ۽ برادرين کي غيرقانوني ۽ زبردستي ڀارتي قبضي جي خلاف بيهڻ تي سزا ڏيڻ جي ذريعي اڪثر تشدد ۽ جارحيت جو نشانو بڻجنديون رهيون آهن. هن چيو ته ڀارتي قابض فوج نام نهاد ”ڪورڊن اينڊ سرچ آپريشنز“ دوران نوجوان عورتن کي اغوا ۽ هراسان ڪرڻ کي پوري برادرين کي سزا ڏيڻ جي ??اءِ هڪ هٿيار طور استعمال ڪيو آهي. ترجمان چيو ته عورتن جي خلاف تشدد جون اهي ڪارروايون جاري آهن جن کي آرمڊ فورسز اسپيشل پاورز ايڪٽ جهڙن سخت قانونن سان سگهه ملي ٿي جيڪي ڀارتي قابض فورسز کي انهن جي جنسي تشدد جي ڏوهن جي ??اءِ قانوني چاره جوئي کان بچائين ٿا. هن چيو ته ڏوهارين جي احتساب جي کوٽ والاريل علائقي ۾ عصمت دري جو شڪار ٿيندڙن جي ??اءِ انصاف جي عدم موجودگي جي ??ضاحت ڪري ٿي. ترجمان چيو ته انساني حقن جون اهي خلاف ورزيون ختم ٿيڻ گهر??ن ته جيئن ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جون عورتون امن ۽ وقار سان رهي سگهن.
ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون جاري آهن: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت