اسلام آباد-24 جنوري (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو آ??ي ته پاڪستان ۾ سانوڻي جي برساتن دوران شديد برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ?? سڄي ملڪ ۾ 60 لک ماڻهن کي غذائي کوٽ جو مُنهن ڏسڻو پيو. اها ڳالهه عالمي بئنڪ جي فوڊ سيڪيورٽي اپ ڊيٽ ۾ چئي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آ??ي ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ سوين ماڻهن پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا، لکين چوپايو مال فوت ٿي ويو، جڏهن ته 9.4 ملين ايڪڙ ايراضيءَ تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويو. سڀ کان وڌيڪ نقصان بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ٿيو آ??ي. رپورٽ ۾ چيو ويو آ??ي ته ٻوڏ کانپوءِ ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي. آڪٽوبر 2021ع ۾ شين جي مهانگائي جي شرح 8.3 س??ڪڙ?? هئي جيڪا مارچ 2022ع ۾ 15.3 س??ڪڙ?? ۽ ٻوڏ کانپوءِ سيپٽمبر ۾ 31.7 س??ڪڙ?? ٿي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آ??ي ته مجموعي طور تي ڏکڻ ايشيا ۾ ماحولياتي ۽ موسمياتي سببن، مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ گهٽتائي ۽ مقام?? ڪرنسين جي قدر ڪِرڻ سان مهانگائيءَ ۾ اضافو ٿيو، جنهن سبب کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون وڌي ويون. بنگلاديش ۾ ڊسمبر دوران مهانگائي جي شرح ۾ ساليانو بنيادن تي 7.9 س??ڪڙ??، نيپال ۾7.4 س??ڪڙ?? ۽ پاڪستان ۾ 35.5 س??ڪڙ?? مهانگائيءَ ۾ اضافو ٿيو. سريلنڪا ۾ اها شرح 64.4 س??ڪڙ?? تائين رڪارڊ ڪئي وئي آهي. رپورٽ مطابق گذريل سانوڻي دوران ڏکڻ ايشيا جي خطي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون پيون. جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ گهٽ پيون، جنهن سبب خوراڪ جي پيداوار ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي جنهن جا اثر اڃا سامهون اچي رهيا آهن.
پاڪستان ۾ بدترين ٻوڏ جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ 60 لک ماڻهن کي غذائي کوٽ جو مُنهن ڏسڻو پيو: عالمي بئنڪ جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن