گڏيل قومون -28 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي، ته ڏکڻ سوڊان ۾ پاڪستان جو امن جٿو هاڻي ان ڪيترائي ڪلوميٽر ڊگهي ب??د کي (حفاظتي بند) کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيو آهي ته جيئن عوام کي ٻوڏ کان بچائي سگهجي. يو اين آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته 2021ع ۾ پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين وڌڻ شروع ٿي هئي ته پاڪستاني انجنيئرن ڊگهي حفاظتي ب??د کي تعمير ڪرڻ جو ڪم سنڀاليو ۽ ٻوڏ جي پاڻي کي روڪڻ لاءِ عارضي دفاعي ڍانچو تعمير ڪيو جنهن کي هاڻي اڃا وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيا آهيون، پاڪستاني انجنيئر?? جي ڪمانڊنگ آفيسر ميجر وقاص سعيد خان چيو ته اسان سڀ کان پهرين جواب ڏيندڙ هئاسين ۽ اسان ئي پهرين مرحلي دوران اٽڪل 88 ڪلوميٽر ڊگهو بند تعمير ڪيو هو. هن چيو ته گذريل مهيني دوران اسان جو ڪم بنيادي طور تي ب??د کي مضبوط بڻائڻ هو، اسان ان کي ساڍا 3 ميٽر اوچي ڀت ۾ تبدي?? ڪيو آهي جيڪو گاڏين ۽ ماڻه?? جي اچ وڃ جي استعمال لاءِ ڪافي ويڪرو آهي.
ڏکڻ سوڊان ۾ پاڪستان جو امن جٿو عوام کي ٻوڏ کان محفوظ رکڻ لاءِ حفاظتي بند کي مضبوط بڻائي رهيو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری