بيونس آئرس _ 6 جون (اي پي پي ) ارجنٽائن جي حڪومت خرچ?? ۾ ??ٽوتي جي مهم بيلٽ ٽائٽنگ تحت50 هزارسرڪاري ملازمن کي فارغ ??رڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. شنهوا مطابق ارجنٽائن جي صدر جيويئ??مل?? گذريل ڏينهن هڪ تقريب کي خطاب ۾ چيو ته حڪومت خرچ?? ۾ ??ٽوتي جو 7 نڪاتي منصوبو جوڙيو آهي . هن چيو ته پينشن سڌارن ذريعي مالياتي خرچ?? ۾ ??هٽتائي تي ڪانگريس ذريعي ??ملدرآمد ڪري سگهجي ٿو . هن جو چوڻ هو ته حڪومت وزارتن جي انگ ۾ گهٽتائي ڪري پوري ڍانچي کي گهٽ ڪري اڌ ڪري ڇڏيو آهي . هن ڪاروباري اڳواڻن، سيڙپڪارن ۽ اقتصادي ماهرن کي ٻڌايو ته اسان مجموعي ??ور تي 75 هزار سرڪاري ملازمن کي فارغ ??رڻ جو منصوبو بڻايو آهي جنهن مان 25 هزار پهريان ئي فارغ ٿي چڪا آهن . سندس چوڻ هو ته انهن ڪفايت شعاري جي قدمن کي مخالف ڌر، مزدور ڪنفيڊريشنز، يونينز ۽ سماجي تنظيمن رد ڪري ڇڏيو آهي پر کين ٻڌائي رهيو آهيان ته ايئن ٿي ئي رهندو.هن چيو ته اسان نه رڳو معيشت کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون پر بدعنواني کي به ختم ڪري رهيا آهيون.
ارجنٽائن ، حڪومت پاران خرچن ۾ ڪٽوتي مهم تحت 50 هزار سرڪاري ملازم فارغ ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے