واشنگٽن -03 جولائي (اي پي پي ) آمريڪا جلد يوڪرين کي واڌو ٻه ارب 30 ڪروڙ ڊالرن جي فوجي امداد فراهم ڪندو. اها ڳالهه آمريڪي دفاع واري وزير لائيڊ آسٽن پينٽاگون ۾ پنهنجي يوڪرين جي هم منصب رستم عمروف سان ملاقات دوران چئي. آمريڪي دفاع واري وزير ان موقعي تي چيو ته هو واشنگٽن ۾ ايندڙ هفتي ٿيندڙ نيٽو سربراهي اجلاس ۾ يوڪرين لاءِ نيٽو جي رڪنيت جو رستاکولڻ جا قدم کڻنداسين. رائٽرز موجب آمريڪي دفاع واري وزير چيو ته نئين فوجي امداد تحت يوڪرين لاءِ جديد ترين هٿيارن جي پيڪج ۾ ٽينڪ شڪن هٿيار ۽ ايئر ڊفينس انٽر سيپٽرز اين اي ايس ۽ پيٽرياٽ ايئر ڊفينس انٽر سيپٽرز شامل ??وندا. آمريڪا 2022ع کان يوڪرين کي 50ارب ڊالرن کان ??ه وڌيڪ ماليت جي فوجي امداد فراهم ڪئي آهي پر 5 نومبر جي صدارتي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي کٽڻ جي صورت ۾ يوڪرين لاءِ آمريڪي امداد جي مستقبل بابت خدشا پيدا ٿي رهيا آهن. ٽرمپ جي ٻن اهم مشيرن ان کي هڪ اهم منصوبو پيش ڪيو آهي ته جيڪڏهن هو صدارتي چونڊون کٽي ويو ته يوڪرين جنگ ختم ڪري ڇڏينداسين ان ۾ يوڪرين کي ٻڌائڻ شامل آهي ته ان کي وڌيڪ آمريڪي هٿيار رڳو ان ??ورت ۾ ملندا جڏهن هو روس سان ??من جون ڳالهيون شروع ڪندو. ان ??جويز سان ??نگ بابت آمريڪي پوزيشن ۾ هڪ وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي ۽ ان کي يورپي اتحادين ۽ ٽرمپ جي پنهنجي ريپبلڪن پارٽي جي اندر مخالفت کي منهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو. يوڪرين جي دفاع واري وزير رستم عمروف ٽيلي گرام ميسيجنگ ايپ تي پوسٽ ڪيل بيان ۾ نئين فوجي امداد جي فراهمي جي فيصلي تي آمريڪا جو شڪريو ادا ڪيو. يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ان موقعي تي ان ??ميد جو اظهار ڪيو ته نيٽو جي ايندڙ سربراهي اجلاس ۾ يوڪرين کي دفاعي اتحاد جي رڪنيت ڏيڻ جي معاملي تي اڳڀرائي ٿيندي.
آمريڪا جلد يوڪرين کي ٻه ارب 30 ڪروڙ ڊالرن جي امداد فراهم ڪندو: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن