گڏيل قومون- 13 آ??سٽ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ??ائونسل ۾ سڌارن تحت ڪائونسل ۾ آفريقا جي نمائندگي وڌائي ان خطي مان تاريخي نا انصافين جو ازالو ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته اهڙي طرح ڪائونسل کي وڌائيندي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ اثرائتو، جامع ۽ جوابده بڻائي سگهجي ٿو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم سلامتي ??ائونسل ۾ آفريقا جي اثرائتي نمائندگي وڌائڻ جي حوالي سان هڪ مباحثي دوران خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان آفريقا سان ٿيل تاريخي نا انصافين يعني ان تي قبضي، ڏاڍ، ا??تح??ال ۽ سلامتي ??ائونسل ۽ ٻين عالمي ادارن جي ڍانچي ۾ گهٽ نمائندگي جو اعتراف ڪريون ٿا. پاڪستاني نمائندي چيو ته پاڪستان آفريقا جي ان مطالبي سان اتفاق ڪري ٿو جيڪو ايزلويني اتفاق راءِ ۾ آفريقا جي خطي جي مساوي نمائندگي لاءِ طئي ڪيو ويو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهي چئن رياستن، ڀارت، برازيل، جرمني ۽ جاپان جي مطالبي کان بلڪل مختلف آهن جيڪي پنهنجي لاءِ سلامتي ??ائونسل جي مستقل ميمبرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ مهم هلائي رهيا آهن.
پاڪستان پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ آفريقا جي نمائندگي وڌائڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد