اسلام آباد -27 آڪٽوبر(اي پي پي) نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آه??، ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل کانسواءِ خطي ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن ناهي، پاڪستان ڪشميري عوام جي جدوجهد ۾ غير متزلزل يڪجهتي سان گڏ آه?? ۽ پاڪستان ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي مڪمل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي پرڏيهي آفيس طرفان جاري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 27 آڪٽوبر ڄمون ڪشمير جي تاريخ ۾ هڪ اهم موڙ آه??، 77 سال اڳ اڄ جي ڏينهن ڀارتي فوج سرينگر ۾ داخل ٿي جيڪو خطي لاءِ هڪ ڊگهي ۽ تڪليف ڏيندڙ باب جي شروعات اهي. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن دوران ڀارت غيرقانوني طور تي والاريل ڪشمير تي پنهنجو ڪنٽرول مضبوط ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪيا. محمد اسحاق ڊار چيو ته ڀارتي اختيارين پاران کنيل قدمن سميت علائقي جي آبادي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ جون ڪوششون، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي سڌي ريت خلاف ورزي آه??. هن چيو ته اڄ هي خطو جبر شدت کي برداشت ڪري رهيو آه??، هزارين سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن جيل ۾ آه??، 14 سياسي پارٽين تي پابندي لڳائي وئي آه??، ايمرجنسي ۽ دهشتگردي جي روڪٿام وارن سخت قانونن تحت ڀارتي فوج کي وسيع اختيار حاصل آه??، جنهن سبب ڀارتي فوج ڪنهن به ماڻهو کي گرفتار ڪرڻ يا مارڻ ۽ ملڪيتن کي تباهه ڪرڻ جي قدمن م ملوث آه??. پرڏيهي ??زي?? چيو ته ڀارت جي سمورن ظالماڻن طريقن باوجود ڪشميري عوام جو جذبو ۽ عزم برقرار آه?? ۽ ڪشميري عوام انصاف ۽ خوداراديت وارو حق حاصل ڪرڻ لاء?? پرامن جدوجهد جاري رکي رهيو آه??. نائب ??زي??اعظم چيو ته تازو ئي غيرقانوني طور ڀارتي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جون چونڊيون ٿيون هيون جڏهن ته ڪو به اهڙو قدم جيڪو ڀارت جي آئين جي فريم ورڪ تحت ۽ ڀارتي فوج جي وڏي تعداد ۾ موجودگي ۾ ڪيو ويندو آه?? ان کي ڪشميري عوام جي جائز خوداراديت واري حق جي متبادل طور نٿو سمجهي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ امن کي هٿي وٺائڻ لاء?? پرعزم آه??. ۽ سمورن پاڙيسري ملڪن سان تعميري لاڳاپن جو خواهشمند آه??. پرڏيهي ??زي?? چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل کان سواءِ خطي ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن ناهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي جدوجهد ۾ غير متزلزل يڪجهتي سان گڏ آه?? ۽ ان جي خوداراديت واري هق حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي مڪمل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشمير جي عوام جي خواهشن مطابق ڄمون ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي، پرامن حل کان سواءِ خطي ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن ناهي: محمد اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن