برن-06 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ ارب پتين جي دولت ۾ 10 سالن ۾ 121 سيڪڙو جو اضافو ٿيو جڏهن ته ٽيڪنالاجي جي صنعت سان لاڳاپيل ارب پتين جي دولت 2015ع ۾ 788.9 بلين ڊالرن کان ٽيڻ تي وڌي 2024ع ۾ 2.4 ٽريلين ڊالر ٿي وئي، 2024ع ۾ اٽڪل 268 ماڻهو پهريون ڀيرو ارب پتي بڻيا. سو??ٽزر لينڊ جي سڀ کان وڏي بئنڪ يو بي ايس جي يو بي ايس ساليانو بلين ائرز ايمبيشنز رپورٽ جي 10 هين ايڊيشن ۾ چوڻ آهي ته ارب پتين جي دولت ۾ 121 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته ارب پتي وڌيڪ تيزي سان لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن، 2020ع کان هن وقت تائين 176 ارب پتي پنهنجن ملڪن کان ٻئي ملڪ منتقل ٿي چڪا آهن، سو??ٽزرلينڊ، گڏيل عرب ا??ار??ن،سنگاپور ۽ ??مر??ڪا انهن جا مشهور ۽ پسنديد هنڌ آهن. سو????س يو بي ايس چيو آهي ته ارب پتين گذريل ڏهاڪي دوران پنهنجي گڏيل دولت 121 سيڪڙو جي واڌ بعد 14 ٽريلين تائين پهچائي آهي. ٽيڪنالاجي (ٽيڪ) ارب پتين جا خزانا تيزي سان ڀري رهي آهي، گذريل 10 سالن ۾ ??مر??ڪي ڊالر ۾ سيڙپ رکندڙ ارب پتي ماڻهن جو انگ 1757 مان وڌي 2682 ٿي ويو. جيڪو 2021ع ۾ 2686 سان عروج تي هو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2020ع بعد کان چين جي ارب پتي ماڻهن ۾ گهٽتائي جي ڪري عالمي ترقي جو رجحان سست ٿي ويو آهي. چين ۽ هانگ ڪانگ جي ارب پتي شهرين جي دولت 16.8 سيڪڙو جي گهٽتائي سان 1.8 کرب دالر تي اچي وئي آهي. ڀارتي ارب پتي شهرين جي دولت 42.1 سيڪڙو جي واڌ سان 905.6 بلين دالر ٿي وئي آهي جڏهن ته انهن جو انگ ا153 مان وڌي 185 ٿي ويو آهي. اولهه يورپ جي ڪل ارب پتين جي دولت 16.0 سيڪڙو جي واڌ سان 2.7 ٽرلين ڊالر ٿي وئي آهي جن ۾ سو??ٽزرلينڊ جي ارب پتي شهرين ۾ 24 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. گڏيل عرب ا??ار??ت جي ارب پتي شهرين جي مجموعي دولت 39.5 سيڪڙو جي واڌ سان 138.7 بلين ڊالر ٿي وئي آهي.
سڄي دنيا ۾ ارب پتين جي دولت ۾ 10 سالن ۾ 121 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ: سوئيس بئنڪ جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil