اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم م??مد نواز شريف چيو آهي ته حضور پاڪ صه سان محبت ۽ عقيدت هر مسلمان جو سڀ کان قيمتي سرمايو آهي ۽ اهو اسان جي دين جو بنياد آهي، حضور صه جي شان ۾ ڪ??هن به طرح جي گستاخي ناقابل معافي آهي، ان سلسلي ۾ ڪ??هن به سطح تي ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. گهرو وزير فوري طور تي گستاخي واري مواد جي بندش جي حوالي سان سمورا ضروري قدم کڻي ۽ ان جي ذميدارن کي بنا دير جي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃ??، وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو آهي ته هي حقيقت نه وسارڻ گهرجي ته حضرت م??مد صه پوري انسانيت جو محسن آهي، ناموس رسالت صه جي باري ۾ مسلمانن جي شديد حساسيت جو احترام ڪرڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری