ڪوئيٽا – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان ع??اس?? چيو آهي ته ڪنهن به اداري جي ڪنهن اداري سان ڇڪتاڻ نه آهي، اسان جو ڪم حڪومت ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ آهي، بلوچستان ۾ نواز شريف جي اعلان ڪيل سمورن منصوبن تي ڪم جاري رکنداسين، ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو، حڪومت صوبن جو ترقياتي فنڊ 1200 ارب رپين مان وڌائي 1900 ارب رپيا ڪري ڇڏيو، صوبي ۾ موجوده حالتون ماضي جي ڀيٽ ۾ تمام بهتر آهن، ڪنهن صوبي سان ڪنهن ناانصافي ۽ تعصب جي قطعي گنجائش نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي هر ضلعي کي گئس جي فراهمي لاءِ محمد نواز شريف جي ترقياتي ويزن تحت جاري اسڪيمون هلندڙ سال مڪمل ڪيو وينديون جن تي 15 ارب رپيا لاڳت ايندي جڏهن ته ٽيوب ويلن کي سو??ر سسٽم تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو ٽن فيز ۾ مڪمل ڪيو ويندو، ان منصوبي تي پڻ هلندڙ سال ڪم شروع ڪيو ويندو.
ڪنهن به اداري جي ڪنهن اداري سان ڇڪتاڻ نه آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار