اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان آمريڪي دفاع واري وزير جنرل جيمز ميٽس وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي، آمريڪي دفاع واري وزير جي حيثيت سان جنرل جيمز ميٽس جو پاڪستان جو هي پهريون دورو آهي، آمريڪي دفاع واري وزارت جا سينيئر عملدار ۽ پاڪستان ۾ آمريڪي سفير پڻ ملاقات ۾ موجود هئا جڏهن ته وزيراعظم جي معاونت دفاع، پرڏيهي معاملن ۽ گهرو وزير?? ۽ ??اڳاپيل وزارتن جي سينيئر عملدارن ڪئي. آمريڪي دفاع واري وزير جنرل جيمز ميٽس چيو ته سندس دوري جو مقصد پاڪستان سان پائيدار، مثبت ۽ مستقل لاڳاپن جي لاءِ گڏيل بنياد ڳولڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان سان پنهنجي ڊگهي وابستگي جي ڏس ۾ هو پاڪستان جي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف جنگ ۾ ڏنل قربانين ۽ جانين جي زيان بابت پوري طرح آ??اه?? آهي ۽ هو پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت جو ذاتي طور ت?? قدر ڪري ٿو ۽ ان کي عزت جي ن??اه?? سان ڏسي ٿو.
وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان آمريڪي دفاع واري وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن