مظفر آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير ش??هه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم ع??ران خان 14 آ??سٽ 2019ع جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي آزاد ڪشمير جو د??رو ڪندو ۽ اسيمبلي کي خطاب جي دوران ڪشمير مسئلي تي تفصيلي موقف پيش ڪندو، 14 آ??سٽ تي اسلام آباد ۾ ريلي ڪڍي ويندي ۽ هڪ گڏيل مقصد لاءِ سڀني کي ان ۾ حصو ملائڻو پوندو، اسان جي سياسي پسند، ناپسند يا اختلاف ٿي سگهن ٿا ۽ ٿيڻ به گهرجن پر هن وقت اسان سڀني کي متفق ٿي آواز بلند ڪرڻ گهرجي، سفارتڪاري کي ترجيح ڏني ۽ فيصلو ڪيو ته اسان سفارتي، سياسي ۽ قانوني طور تي پنهنجو موقف اڳتي وڌائنداسين ڇو ته اسان سمجهون ٿا ته اهو هڪ مضبوط ڪيس آهي. سومر ڏينهن عيدالاضحيٰ جي موقعي تي والاريل ڪشمير جي پنهنجي ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار لاءِ پرڏيهي وزير آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظفر آباد جو د??رو ڪيو، ان موقعي تي هن مختلف تقريبن ۾ شرڪت ڪئي، پرڏيهي وزير ش??هه محمود قريشي آزاد ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جڏهن ڪشمير مان آواز اٿن??و ته ان جو وزن وڌي ويندو، هن چيو ته وزيراعظم ع??ران خان 14 آ??سٽ تي ڪشمير جي دوري دوران اسيمبلي کي خطاب ڪندو ۽ ڪشمير مسئلي جي حوالي سان پنهنجو تفصيلي موقف پيش ڪندو.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي آزاد ڪشمير جي صدر سان گڏ پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria