اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) وفاقي حڪومت رمضان المبارڪ دوران عوام کي سستي ۽ معياري ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ 19 شين تي سبسڊي لاءِ اڍائي ارب روپين جي رليف پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، شين جي گهرج ۽ ضرورتن تي اهو پيڪيج 7 ارب تائين وڌائي سگهبو، عيدالفطر کانپوءِ به 5 ضروري شين تي سبسڊي جو عمل جاري رهندو، 4 هزار کان وڌ??ڪ يوٽيلٽي اسٽورن تي اٽي، گيهه، کنڊ، چانهه، دالين ۽ چانورن سميت 19 شين جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وئي آهي، يوٽيلٽي اسٽورز تي شين جي ??ست??ابي جي مانيٽرنگ لاءِ ضلعي سطح تي مانيٽرنگ ۽ ٽاسڪ فورس ٺاهي ويندي، رضاڪار فورس راشن پهچائڻ ۽ ڪيش منتقلي ۾ سهولتڪاري لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، وزيراعظم معاشي رليف پيڪيج تحت يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي 10 ارب جاري ڪري ڇڏيا آهن. اڄ جمعي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ موبائيل اسٽور شروع ڪري رهيا آهيون، ٻهراڙين ۽ يونين ڪائونسل جي سطح تي وڌ??ڪ 500 يوٽيلٽي اسٽورز کوليا ويندا، يوٽيلٽي اسٽورز وزيراعظم جي ويزن جي تڪميل ۾ هر اول ??ست?? جو ڪردار ادا ڪندا، وزيراعظم جي پاليسي جو محور مرڪز عوامي مشڪلاتن جو ازالو ڪرڻ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊا??ٽر فردوس عاشق اعواڻ خميس ڏينهن يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مينيجنگ ڊائري??ٽر سان گڏ ميڊيا بريفنگ دوران ڪيو.
وفاقي حڪومت پاران 19 شين تي سبسڊي لاءِ اڍائي ارب رليف پيڪيج جو اعلان
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی