اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي معاملي تي سول ۽ عسڪري قيادت هڪ پيج تي آه??، پاڪست??ن جي تاريخ ۾ ڪڏهن به سول ۽ عسڪري قيادت جي ايترا بهترين لاڳاپا نه رهيا آه?? جيترا اڄ آه??، ??ن جو ڪريڊٽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ڏانهن وڃي ٿو، افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، افغانستان ۾ عدم استحڪام جي صورتحال پوري دينا جي لاءِ نقص??ن جو باعث بڻجي سگهي ٿي، ملڪ ۾ مهانگائي جو بنيادي سبب عالمي سطح تي قيمتن ۾ اضافو آه??، مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان نئين اڪنامڪ پاليسي فريم ڪئي آه??، نومبر جي مهيني ۾ ٽي وڏا پروگرام شروع ڪيا پيا وڃن جنهن ۾ صحت ڪارڊ، آبادگار ڪارڊ ۽ احساس ڪارڊ شامل آه??، وزيراعظم پاڪستان تحريڪ انصاف جي سمورن ميمبرن کي هدايت ڪئي آه?? ته 12 ربيع الاول جو ڏينهن شاندار طريقي سان ملهايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چيو ته پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ اس??ن جو فوڪس افغانستان تي هو، وزيراعظم پارلياماني پارٽي جي ميمبرن کي افغانست??ن جي صورتحال تي اعتماد ۾ ورتو، پاڪست??ن جو موقف آه?? ته هن وقت افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، انساني همدردي جي جذبي سان افغانستان لاءِ امداد جاري رهڻ گهرجي، هن چيو ته اسان افغانستان لاءِ ويزا ۾ سهولت فراهم ڪئي، افغانستان سان واپار کي وڌايو آه??، اسان افغانستان ۾ پنهنجي ڀائرن جي مدد ڪري رهيا آه??ون، اسان چاهيون ٿا ته دنيا به افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏي، وفاقي و??ير چيو ته وزيراعظم پارلياماني پارٽي کي ٻڌايو ته جيڪڏهن افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو ۽ اتي عدم استحڪام پيدا ٿيو ته افغانستان ۾ دهشتگرد ۽ انتهاپسند گروپ پنهنجي جڳهه بڻائي سگهن ٿا، اهڙي صورتحال افغانست??ن جي سان گڏوگڏ دنيا ۽ پاڪستان لاءِ به نقص??ن جو سبب بڻجي سگهي ٿي. هن چيو ته افغانستان ۾ استحڪام لاءِ دنيا کي پنهنجون ڪوششون ڪرڻ گهرجن. اطلاعات واري وفاقي و??ير ٻڌايو ته وزيراعظم پارلياماني پارٽي کي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي معاملي کان به آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته فوج ۽ حڪومت هڪ پيج تي آه??، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ وزيراعظم جا خوشگوار ۽ ويجها لاڳاپا آه??، سموري نقطه نظر تي اسان گڏجي ويهي ڳالهيون ڪندا آه??ون، ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي حوالي سان معاملي تي به صورتحال اها ئي رهي، هن چيو ته پاڪست??ن جي تاريخ ۾ ڪڏهن سول ۽ عسڪري قيادت جا ايتري بهترين لاڳاپا ناهن رهيا جيتري اڄ آه??، ??ن جو ڪريڊٽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ڏانهن وڃي ٿو جنهن سدائين پاڪستان ۽ جمهوريت ۽ سول حڪومت کي اداره جاتي سپورٽ ڏني، اڄ پاڪست??ن جي عوام کي فوج جي عزت ۽ وقار عزيز آه??. هن چيو ته وزيراعظم پارلياماني پارٽي کي ٻڌايو ته ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز انٽيليجنس جي مقرري بابت معاملا مڪمل طو?? تي طئي ٿي چڪا آه??، پراسيس شروع آه??، ??ن جي مقرري جلد ٿيندي، ان تي سول ۽ ملٽري ٻئي پاس آن بورڊ آه??، اعتماد جي فضا ۾ اهو فيصلو ٿيندو، وفاقي و??ير چيو ته پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ مهانگائي تي به ڳالهه ٿي، هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي جو بنيادي سبب عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ اضافو آه??، پيٽرول جي قيمت 40 ڊالر في بيرل مان وڌي 80 ڊالر في بيرل کان ٽپي و??ي آه??، 2018ع ۾ پام آئل جي قيمت 518 کان 520 ڊالر ميٽرڪ ٽن هئي جيڪا اڄ 1200 ڊالر جي ويجهو آه??، هن چيو ته مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان نئين اڪنامڪ پاليسي فريم ڪئي آه??، نومبر جي مهيني کان اسان ٽي وڏا پروگرام شروع ڪري رهيا آه??ين، جنهن ۾ صحت ڪارڊ ۽ احساس ڪارڊ شامل آه??، صحت ڪارڊ خبرپختونخوا ۾ ملي چڪو آه??، هاڻي پنجاب جي عوام کي صحت ڪارڊ فراهم ڪيو ويندو جنهن تحت پنجاب جي هر خاندان ساڍا 7 لک روپين جو ميڊيڪل انشورنس حاصل ڪري سگهندو. هن ٻڌايو ته صحت ڪارڊ جي فراهمي جو سلسلو نومبر کان شروع ٿيندو ۽ مارچ تائين مڪمل ٿي ويندو. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته احساس ڪارڊ جي لاءِ سموري ڊيٽا گڏ ڪئي و??ي آه??، غريب ۽ پوئتي پيل ماڻهن کي احساس ڪارڊ فراهم ڪيو ويندو. احساس ڪارڊز جي ذريعي غريب ماڻهو نه رڳو يوٽيليٽي اسٽورز پر عام دڪانن تان به سستيون شيون خريد ڪري سگهندا، چوڌري فواد حسين چيو ته پنجاب حڪومت مزدور ڪارڊ جاري ڪري رهي آيه جنهن سان مزدورن کي فائدو ٿيندو، آبادگارن کي سبسڊي جي فراهمي لاءِ آبادگار ڪارڊ به جاري ڪيو پيو وڃي، وفاقي و??ير چيو ته وزيراعظم پي ٽي آءِ جي سمورن ميمبرن کي هدايت ڪئي آه?? ته 12 ربيع الاول جو ڏينهن شاندار طريقي سان ملهايو وڃي. وزيراعظم 12 ربيع الاول جي موقعي تي رحمت اللعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آه??. 12 ربيع الاول تي ٻه وڏيون تقريبون ٿينديون، هڪ تقريب ايوان صدر ۾ ٻي ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيندي، وزيراعظم وڏي مذهبي ميڙ کي خطاب ڪندو، هن چيو ته سمورن ٽي وي چئنلز کي درخواست ڪئي و??ي آه?? ته رحمت اللعالمين ﷺ جي حوالي سان موضوعن تي پروگرام نشر ڪيا وڃن. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته رسول اڪرم ﷺ جي ذات پاڪ حق جو پيغام آه??، ??ن جي روشني ۾ اسان اڳتي وڌنداسين.
ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي معاملي تي سول ۽ عسڪري قيادت هڪ پيج تي آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی