فيصل آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ تعليمي ترقي جي لاءِ انتهائي سنجيده آهي ۽ ان ڏس ۾ نه رڳو سمورا وسيلا ۽ هر ممڪن ذريعا استعمال ۾ آندا پيا وڃن، هڪ جهڙو نصاب ۽ تعليمي نظام لاڳو ڪرڻ انهن جي ويزن موجب حڪومت جو شاندار قدم آهي جنهن سان سمورن طبقن جي ٻارن کي هڪ جهڙي تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا ملندا، ان کان اڳ ملڪ ۾ مختلف طبقن جي لاءِ مختلف تعليمي نصاب لاڳو هو جنهن سان طبقاتي ورڇ وڌندي پئي وئي ۽ معاشري ۾ مختلف ڪلاسز کي دوام ملي رهيو هو پر هاڻي هڪ جهڙو نصاب ۽ تعليمي نظام لاڳو ٿيڻ سان اها ورڇ ختم ٿيندي جيڪو انتهائي مثبت قدم آهي. هو گورنمينٽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج آف سائنس سمن آباد فيصل آباد ۾ هڪ ڪروڙ 90 لک رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ملٽي پرپرز هال جي پيڙهه جو پٿر ۽ 82 شاگردن ۾ 25 هزار رپيا في ڪس جي حساب سان رحمت للعالمين اس??الرشپس ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اطلاعات واري م??لڪتي وزير جو ڀاءُ نبيل ارشد، اداري جو پرنسپل شفقت علي شاهد، وائيس پرنسپل اصغر علي گل، فيڪلٽي م??مبر، استاد، انتظامي عملدار ۽ شاگردن جو وڏو انگ موجود هو. اطلاعات واري م??لڪتي وزير چيو ته ڄاڻايل ڪاليج ۾ گهڻ مقصد هال جي پيڙهه جو پٿر رکي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي ڇو ته هي هڪ پراڻي ۽ بهترين درسگاهه آهي جتي شاگردن جو انگ به 5 هزار کان وڌيڪ آهي ان لاءِ ان جي خواهش آهي ته ان تاريخي ڪاليج کي جلد يونيورسٽي جو درجو ڏنو وڃي جنهن جي لاءِ هو وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سان ڳالهه ڪري م??ظوري حاصل ڪندو. هن چيو ته هو هن اداري ۾ سمورين سهولتن جي دستيابي يقيني بڻائيندو. فرخ حبيب چيو ته ربيع الاول جو مهينو اسان جي لاءِ انتهائي م??دس ۽ رحمتن ۽ ٻرڪتن وارو مهينو آهي ڇو ته ان ۾ اسان جي نبي آخرالزمان ﷺ جي ولادت باسعادت ٿي انهي لاءِ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزيراعظم جي هدايت تي سڄي م??ڪ ۾ عشره رحمت للعالمين انتهائي عقيدت ۽ احترام، مذهبي جوش ۽ جذبي ۽ شايان شان طريقي سان ملهايو ويو. هن چيو ته اسوه حسنه ئي دنيا ۽ آخرت ۾ سرخرو ٿيڻ جو واحد رستو آهي ان لاءِ اسوه حسنه اختيار ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم ملڪ ۽ قوم جي بهتري لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي جنهن جا نتيجا جلد سامهون ايندا. هن چيو ته حڪومت ربيع الاول جي م??اسبت سا?? ميرٽ تي رحمت للعالمين اس??الرشپس ورهائي رهي آهي اهڙي طرح وفاقي حڪومت جي احساس پروگرام تحت 50 هزار اس??الرشپس ورهايون پيون وڃن ته جيئن 45 هزار رپيا يا ان کان گهٽ آ??دني وارا جيڪي ماڻهو پنهنجي ٻارن کي يونيورسٽين ۾ تعليم ڏيارڻ چاهين ٿا انهن جو تعليم جو سمورو خرچ حڪومت کڻي سگهي اهو ئي نه پر انهن جون سموريون فيسون ۽ تعليمي خرچ به حڪومت ادا ڪندي.
وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ تعليمي ترقي جي لاءِ انتهائي سنجيده آهي ۽ ان ڏس ۾ نه رڳو سمورا وسيلا ۽ هر ممڪن ذريعا استعمال ۾ آندا پيا وڃن: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia