اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته حڪومتي ادارن جو ڪم عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ عوامي شڪايتن جو ترجيحي بنيادن تي ازالو ڪرڻ آهي، خيبرپختونخوا ۾ بجلي جي پهچ واري نظام جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ادارن ۾ مقررين ۾ ميرٽ جي بالادستي ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو پ??و وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخوا صوبي ۾ پيسڪو جي مسئلن تي ??جل??س جي صدارت ڪندي ڪيو. ??جل??س ۾ وفاقي وزير پرويز خٽڪ، مراد سعيد، حماد اظهر، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان، صوبائي وزير تيمور سليم جهڳڙا، شوڪت يوسف زئي ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ??مران خان خيبرپختونخوا صوبي ۾ اسيمبلي ميمبرن جي شڪايت تي پيسڪو جي مسئلن تي نوٽيس وٺندي چيو ته حڪومت لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ بجلي چور جي روڪٿام لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، پيسڪو بابت مسئلن تي ??جل??س ۾ وزيراعظم کي بجلي جي لوڊشيدنگ ۽ مانيٽرنگ سسٽم، بجلي چوري ۽ ان جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن ۽ پيسڪو ۾ افرادي قوت جي کوٽ ۽ نئين مقررين تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪ??و ويو. ??جل??س کي ٻڌا??و ويو ته پيسڪو ۾ لائن لاسز کي گهٽ ڪرڻ لاءِ حڪومت بجلي جي پهچ واري نظام ۾ بهتري جو جامع منصوبو تيار ڪيو آهي جنهن کانپوءِ گهرج کي پورو ڪرڻ لاءِ گهربل بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي سگهبي. بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ به ت??جيحي بنيادن تي سمورا قدم کنيا پيا وڃن، ??جل??س کي وڌيڪ ٻڌا??و ويو ته پيسڪو ۾ افرادي قوت جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ مقررين جو شفاف نظام يقيني بڻايو پ??و وڃي، لوڊشيڊنگ کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ ڊجيتل نظام لاڳو ڪيو پ??و وڃي، جنهن سان هر فيڊر تي بجلي جي لوڊشيڊنگ جي پل پل مانيٽرنگ ممڪن ٿي سگهندي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو خاتمو ممڪن ٿي سگهندو، وزيراعظم ??اري قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ ۽ مسئلن جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي وچ ۾ تعاو?? وڌائڻ جي هدايت ڪئي.
حڪومتي ادارن جو ڪم عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ عوامي شڪايتن جو ترجيحي بنيادن تي ازالو ڪرڻ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت