ڪينبرا-12 سيپٽمبر (اي پي پي) آسٽريليا افغانستان ۾ جنگ وڙهندڙ ڪمانڊرن کان تمغا واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي جن جي يونٽ مبينه جنگي ڏوهن ۽ غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث هئا. پرڏيهي خابرو اداري موجب آ??ٽريلوي دفاع واري وزير رچرڊ مارلس چيو ته اهو فيصلو ماضي جي غلطين جو ازالو ڪرڻ لاءِ ڪيو آهي. اهو فيصلو ان مخصوص يونٽ جي ڪمانڊرن بابت آهي جيڪي 2005ع ۽ 2016ع جي وچ ڌار?? انچارج طور فرض سرانجام ڏئي ر??يا هئا. ڪمانڊر جن جو انگ 10 کان گهٽ ٻڌايو ويو آهي، انهن کان ايوارڊز واپس ورتا ويندا، تنهن هونددي به رازداري جي اصولن تحت انهن جا نالا جاري نه ڪيا ويندا. هڪ سرڪار?? انڪوائري ۾ 11 سالن جي عرصي ۾ آسٽريليا جي ايليٽ اسپيشل فورسز هٿان افغانستان ۾ 39 شهرين ۽ قيدين جي مبينه غير قانوني قتل جي جاچ ڪئي وئي، 2020ع ۾ ٿيل جاچ ۾ آسٽريلوي فورسز طرفان موت جي سزا، لاشن جي ڳڻپ ۽ تشدد جا الزام س??مهون آيا هئا ۽ پوليس کي 19 ماڻهن خلاف جاچ جي سفارش ڪئي وئي هئ??، انڪوائري ۾ 19 ماڻهن کي آسٽريلين فيڊرل پوليس حوالي ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي هئ?? پر اهو عمل دير جو شڪار آهي. اسٽريلوي دفاع واري وزير چيو ته گذريل ڏينهن فيصلي ۾ شامل ڪمانڊرن ک?? انهن جي يونٽس جي مبينه طور ڪيل جنگي ڏوهن بابت علم نه هو، پر انهن جي حوالي سان اها اميد هئ?? ته کين معلوم ٿي ويندو ته ڇا ٿي ر??يو آهي، هن چيو ته آسٽريليا هڪ اهڙو ملڪ آهي جيڪو پاڻ کي جوابده سمجهي ٿو، آسٽريليا جو گورنر جنرل اهو طئي ڪندو ته تمغا ڪيئن ۽ ڪڏهن واپس ورتا وڃن.
افغانستان ۾ جنگي ڏوهه ڪرڻ سبب آسٽريليا پاران ڪمانڊرن کان تمغا واپس وٺڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena