گڏيل قومون-09 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاڪستان جي شھر ??را??ي ۾ دھشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ھڪ پريس بيان جاري ڪيو آهي جنھن ۾ پاڪستان جي شھر ??را??ي ۾ چيني انجنيئرن تي ٿيل دھشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ ٻه چيني ۽ ٻيا پاڪستاني شھري فوت ٿي ويا هئ?? ۽ حملي ۾ چيني ۽ پاڪستاني شھري زخمي پڻ ٿيا هئ??. بيان ۾ چيو ويو ھو ته سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ??را??ي ۾ بزدلاڻي دھشتگرد حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي.سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ان ڳالھه جو ورجاءُ ڪيو ته دھشتگردي ڪنهن به شڪل ۾ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آھي. ھن دھشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث ماڻھن، منتظمين، مالي مدد- ڪندڙن ۽ سھولت ڪارن جو احتساب ڪرڻ ۽ کين انصاف جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻ تي زور ڀريو. هنن سمورين رياستن تي زور ڀريو ته اهي عالمي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل ??ي لاڳاپيل ٺھرائن تحت پنھنجي ذميوارين مطابق ان سلسلي ۾ چين ۽ پاڪستان جي حڪومتن سان گڏو گڏ ٻين سمورن ل??ڳاپيل اختيارين سان سھڪار ڪن. بيان ۾ چيو ويو آھي ته سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ان ڳالھه جو ورجاءُ ڪيو ته دھشتگردي جي ڪارروائي هر صورت ۾ ڪابل قبول ناهي.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران پاڪستان جي شھر ڪراچي ۾ دھشتگرد حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria