اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي ??اري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي پهرين ڏي??هن جي بيان جي روشني ۾ سمورا دستاويز عدالت ۾ جمع ڪرايا ويا آهن، شريف خاندان 45 سالن جو حساب پيش ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم محمد نواز شري?? پنهنجي بيان تي قائم آهي ۽ سندس بيان موجب سمورا ثبوت سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا ويا آهن، وزيراعظم انهن سوالن جا جواب به عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن جيڪي عمران خان پاران نه پچيا ويا، ??عليٰ عدليه ۾ جمع ڪرايل ثبوتن مان ان ڳالهه جي وضاحت ٿئي ٿي ته عمران خان جا سمورا الزام ڪوڙا آهن.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ