اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب کي ٻارن س??ن زيادتي جي خلاف قائم ڪيل قومي اسيمبلي جي خصوصي ڪميٽي جي چيئرپرسن چونڊيو ويو ??هي. خصوصي ڪميٽي ٻارن س??ن زيادتي جي واقعن جي روڪٿام جي لاءِ موجوده قانونن ۽ پراسيڪيوشن جي طريقي??ار جو جائزو وٺندي، قانونن ۾ بهتري ۽ عملدرآمد جي حوالي سان سمورين ڌرين، صوبائي حڪومتن ۽ سول سوسائٽي جي نماندن سان مشاورت ٿيندي، قانون ۽ انصاف، انساني حقن ۽ تعليم واريون وزارتون ڪميٽي کي پنهنجون تجويزون پيش ڪنديون، ٻارن س??ن زيادتي ۽ تشدد جي واقعن جي تدارڪ لاءِ خطي جي ٻين ملڪن جي تجربن، قانونن مان رهنمائي ورتي ويندي ۽ صوبن ۾ لاڳو قانونن جو جائزو ورتو ويندو. ٻارن س??ن زيادتي جي خلاف قائم ڪيل قومي اسيمبلي جي خصوصي ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين جي چونڊ لاءِ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو.
مريم اورنگزيب قومي اسيمبلي جي خصوصي ڪميٽي جي چيئرپرسن چونڊجي وئي
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل