ڪراچي – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 18 هين آئيني ترميم جي حوالي سان ڪي به اختلاف نه آهن، ان ۾ ڪجهه بي ضابطگيون آهن جن تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪجهه شيون 18 هين ترميم تحت صوبن کي منتقل ڪيون ويون ??يڪ?? مرڪزي حڪومت وٽ رهڻ گهرجن ها، سمور?? صوبن جي مشاورت سان انهن بي ضابطگين ??ي ختم ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ مختلف مقامي نيوز چينلز ۽ اخبارن سان واڳيل سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي قدمن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته شروع ۾ ئي اين سي او سي جا اجلاس باقاعدگي سان ٿي رهيا آهن ۽ سمور?? صوبن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو آهي. هن چيو ته شروع کان ئي آئون سخت لاڪ ڊائون هڻڻ جي خلاف هئس ڇو ته مون کي مزدور طبقي خاص طور تي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن جو فڪر هو.
18 هين آئيني ترميم جي حوالي سان ڪي به اختلاف نه آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری