اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??يڪ??يٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي وقار کي بحال ڪرڻ لاءِ سموريون ??وش??ون ڪيون پيون وڃن. اها ڳالهه هن هتي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) ۾ ڪرسمس جي تقريبن جي سلسلي ۾ منعقد ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري ??يڪ??يٽري شاهيره شاهد ان موقعي تي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏني، ه?? ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل محمد عاصم ڪڇي جي اداري جي بهتري لاءِ ڪيل مخلصاڻي ??وش??ن جي به واکاڻ ڪئي، ان کان اڳ ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان چيو ته اسلام امن جو مذهب آهي ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ سڀني لاءِ مذهبي روايتن جي آزادي جو درس ڏي ٿو. هن پاڪستا??ي مسيحي برادري کي ملڪ جي ترقي لاءِ شاندار ??دم??ون سرانجام ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، ان موقعي تي بشپ طارق جان چيو ته مسيحي برادري ملڪ جي خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي ۽ ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب جي انعقاد تي پي بي سي جو ٿورو ادا ڪيو. تقريب ۾ مسيحي برادري کانسواءِ ريڊيو پاڪستان جي ملازمن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي، ان موقعي تي گيت به پيش ڪيا ويا ۽ ملڪي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا ڪئي وئي.
پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي وقار کي بحال ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون ڪيون پيون وڃن: شاهيره شاهد
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania