اسلام آباد – 05 – اپريل (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان کي ??ائداعظم محمد علي جناح جي ويزن جي موجب جديد اسلامي فلاحي رياست ٺاهڻ جي لاءِ اجتماعي قومي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، تحريڪ پاڪستان جي قائدين جي جدوجهد ۽ قربانين جي باري ۾ آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو ??ظهار هن نظريه پاڪستان ڪائونسل (ٽرسٽ) جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نظريه پاڪستان ڪائونسل جي چيئرمين ميان محمد جاويد پاران صدر کي ??رسٽ جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ هن ٻ??ايو ته ٽرسٽ جو ??نيادي مقصد حب الوطني ۽ اسلام جي تعليم کي عام ڪرڻ آهي، ٽرسٽ سڄي ملڪ ۾ پاڪستان کي درپيش مسئلن بابت آگاه?? پيدا ڪرڻ لاءِ مبحاثي ۽ سيمينارز جو ??نعقاد ڪندو آهي، ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان کي ??ائداعظم محمد علي جناح جي ويزن موجب جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ لاءِ اجتماعي قومي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، تحريڪ پاڪستان جي قائدين جي جدوجهد ۽ قربانين جي باري ۾ آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي. نوجوان نسل کي ??ظريه پاڪستان سان روشناس ڪرائڻ جي ضرورت آهي. صدر نظريه پاڪستان اجاگر ڪرڻ، نوجوان نسل ۾ حب الوطني جي جذبي کي ??ٿي وٺرائڻ ۾ ٽرسٽ جي ڪوششن کي ساراهيو.
تحريڪ پاڪستان جي قائدين جي جدوجهد ۽ قربانين جي باري ۾ آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے