اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) تي زور ڏنو آهي ته مارڪيٽ ۾ وڌيڪ تعليم يافته ۽ هنرمند پيشيور ماڻهن جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام متعارف ڪرائڻ ۽ ان جو تعداد وڌائڻ لاءِ يونيورسٽين جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، فيصله ساز تيزي سان بدلجند?? عالمي مارڪيٽ جي ضرورتن کي پوري طرح سمجهڻ ۾ سستي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، ايڇ اي سي کي اهڙي اهم معاملي تي تيزي سان فيصله سازي کي يقيني بڻائڻ ??هرجي. هو ايوان صدر ۾ غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائن??ز اينڊ ٽيڪنالاجي (جي آءِ ڪي آءِ) ٽو پي بابت بريفنگ ??جل??س جي صدارت ڪري رهيو هو. ??جل??س ۾ غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائن??ز اينڊ ٽيڪنالاجي جي ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر فضل اي خالد، سوسائيٽي فار پروموشن آف انجنيئرنگ سائن??ز اينڊ ٽيڪنالاجي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر شڪيل دراني، غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائن??ز اينڊ ٽيڪنالاجي جي سينئر مينيجمينٽ جي ميمبرن، هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ تعليم واري وفاقي وزارت جي عملدارن شرڪت ڪئي. ??جل??س کي خطاب ڪندي صدر اعليٰ تعليم تائين پهچ کي وڌائڻ ۽ اعليٰ تعليم يافته ۽ پيشيور گريجوئيٽ پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، هن مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽين ۽ صنعتي شعبي جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته يونيورسٽين کي پنهنجي گريجوئيٽس کي مهارت فراهم ڪرڻ لاءِ سکڻ جي آن لائن ۽ هائبرڊ طريقن کي متعارف ڪرائڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، ريڪٽر غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائن??ز اينڊ تيڪنالاجي ??جل??س کي يونيورسٽي پاران تعليم جي فروغ لاءِ کنيل مختلف نون قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن ٻڌايو ته غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائن??ز اينڊ ٽيڪنالاجي گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ هڪ جامع آن لائن تعليمي نظام متعارف ڪرائي رهيو آهي، وڌيڪ اهو ادارو تعليمي سال 23 -2022ع ڪمپيوٽر سائنس ۽ سائبر سيڪيورٽي ۾ نوان پروگرام پيش ڪندو، ان کانسواءِ مصنوعي ڏاهپ، ڊيٽا سائنس ۽ سول انجنيئرنگ ۾ ايم ايس ۽ پي ايڇ ڊي پروگرام متعارف ڪرايا ويندا. ??جل??س کي ٻڌايو ويو ته غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائن??ز اينڊ ٽيڪنالاجي تعليم جي معيار کي وڌائڻ ??انسواءِ ملڪ ۾ تحقيق ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ لاءِ مقامي ۽ عالمي ادارن سان گڏ تحقيقي تعاون ۽ عالمي رابطن کي فروغ ڏئي رهيو آهي، ??جل??س کي مستقبل جي پروگرامن سان گڏوگڏ يونيورسٽي جي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ اپ گريڊيشن جي منصوبن جي باري ۾ به بريفنگ ڏني وئي.
ايڇ اي سي ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام متعارف ڪرائي: صدر
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا