اسلام آباد – 05 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوانن کي جديد تعليم سان آراسته ڪرڻ ??ي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته هڪ مڪمل انسان جي لاءِ تعليم سان گڏ تربيت به ضروري آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ جي 26 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چي?? ته يونيورسٽيون ۽ معاشرو اخلاقيات ۽ قدرن تي خاص ڌيان ڏي، اسان کي پنهنجي تعليمي نظام کي بهتر کان بهتر بڻائڻ تي پنهنجو ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته زماني ۾ تيزي سان رونما ٿيندڙ تبديلين کي سمجهڻو پوندو، ٽيڪنالاجي جي مد?? سان عل?? تائين پهچ وڌي چڪي آهي. هن چي?? ته انسان جي تجزيه ڪاري ۽ فيصلاسازي جون صلاحيتون بنيادي اهميت اختيار ڪري ويون آهن. قدرتي وسيلن جي ڀيٽ ۾ انساني ۽ فڪري وسيلن جي اهميت وڌي وئي آهي. صدر چي?? ته موجوده دور ۾ علم ترقي جو واحد رستو آهي، پاڪستان کي هنرمند ۽ تربيت يافته انساني وسيلن ??ي ضرورت آهي، يونيورسٽيون معياري انساني وسيلن جو وڌيڪ انگ پيدا ڪن. صدر چي?? ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پاڪستان ساليانو اٽڪل 30 هزار شاگرد پيدا ڪري ٿو، هنرمند نوجوان آن لائين خدمتن جي مد?? سان روزگار ڪمائي رهيا آهن. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته پاڪستان کي اخلاقيات جي لحاظ کان برتري حاصل آهي. پاڪستان 40 سالن تائين 40 لک افغان پناهگيرن کي پناهه ڏ??ي، پاڪستان ۾ زلزلي ۽ ٻوڏ جي صورتحال ۾ عوام وڌي چڙهي فلاحي ڪمن ۾ حصو وجهي ٿي. صدر چي?? ته قيادت پاران صحيح فيصلاسازي ??ي ضرورت آهي، فيڪ نيوز ۽ غيبت جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي. سر سيد احمد خان، علامه اقبال ۽ قائداعظم اسان کي هڪ قوم جي حيثيت سان مٿي اٿاريو. صدر چي?? ته پاڪستان جي ترقي لاءِ جمهوريت، واپار ۽ جذبي ??ي ضرورت آهي. هن چي?? ته شاگردن تي معاشري جي ترقي ۽ ڀلائي جي خصوصي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي.
نوجوانن کي جديد تعليم سان آراسته ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania