اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي ماهرن جي خصوصي ??فد جي ٻوڏ کان ??تاثر علائقن جي دوري جي آجيان ڪندي ان ??وقعي تي ڳالهائيندي چيو ته قدرتي آفتن دوران ريسڪيو ۽ ريليف جي حوالي سان چيني ماهرن جو تجربو پاڪستان جي لاءِ مستقبل ۾ به فائديمند ثابت ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم شهباز شريف سان اسلام آباد ۾ چيني ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي ماهرن جي خصوصي ??فد چين جي ڊپارٽمينٽ آف فلڊ ڪنٽرول ايمرجنسي مئنيجمينٽ جي ايمرجنسي ڪمانڊ واري وزارت جي آفيسر زو زيانگ بيانگ جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، شيري رحمان، خاص معاون ظفرالدين محمود، اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ۽ اين ايف آر سي سي جي چيئرمين کانسواءِ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو چيني وفد کي تجويز ڏي ٿو ته وطن واپسي کان اڳ پاڪستان حڪومت سان ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ۾ تعاون جي معاهدن تي صحيحون ڪري وڃن. هن پنهنجي ۽ سڄي قوم پاران ??شڪل گهڙيءَ ۾ مدد تي چيني قيادت ۽ چين جي عوام جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي، اهو پاڪستان ۽ چين جي پراڻن لاڳاپن جو عمده مثال آهي. هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جا ڪيترائي علائقا اڃا به پاڻي هيٺ آهن ۽ پاڻي سان ??يدا ٿيندڙ بيماريون نئين چئلينج کي جنم ڏئي رهيون آهن. هن پاڪستان ۽ چين ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين پاران ??زيراعظم فلڊ ريليف فنڊ ۾ عطيي تي ان جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ وفد ??زيراعظم کي پنهنجي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌ??يو ته چيني وفد ??وڏ بابت ماهرن تي ٻڌل آهي، جيڪو پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن خاص طور تي سنڌ جو دورو ڪري آيو آهي. وفد ??اڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻوڏ جي اڳڪٿي ۽ ان جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۾ پاڪستان کي ڊگهي، وچولي ۽ گهٽ مدي جي منصوبن تي فني معاونت فراهم ڪندو. چيني وفد ??اڳاپيل پاڪستاني ادارن ۽ عملدارن سان تعاون جي لاءِ ورڪنگ گروپ جوڙي ڇڏيا آهن ۽ 21 آڪٽوبر تي اين ڊي ايم اي کي متاثر علائقن ۾ ماڻهن ۽ انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ تفصيلي پلان ۽ رپورٽ پيش ڪندو.
قدرتي آفتن دوران ريسڪيو ۽ ريليف جي حوالي سان چيني ماهرن جو تجربو پاڪستان جي لاءِ مستقبل ۾ به فائديمند ثابت ٿيندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر