اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشري ۾ عدم برداشت جي خاتمي ۽ ڀائيچاري جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي جي لاءِ مذهبي رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي اصولن جي ترويج تمام ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دائودي ب??هرا برادري جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي دائودي ب??هرا ڪميونٽي جي روحاني پيشوا ڊاڪٽر سيدنا ??فد?? سيف الدين جي نمائندي ڪوميل يونس جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چ??و ته دائودي ب??هرا برادري جي پاڪستان جي لاء?? تمام گهڻيون خدمتون آهن، دائودي ب??هرا برادري هڪ پرامن جماعت آهي ۽ ان جا فلاحي جا ڪم متاثر ڪندڙ آهن. وزيراعظم چ??و ته مذهبي رواداري ۽ برداشت پاڪستان جي باني قائداعظم جا اهي پراڻا اصول هئا جيڪي پاڪستان جي ب??ياد جو حصو آهن ۽ پاڪستان جي موجوده پرڏيهي پاليسي انهن جي ئي مظهر آهي. ه?? چيو ته معاشري ۾ موجود عدم برداشت جي خاتمي ۽ ڀائيچاري جي فروغ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم پاڪستان ۾ مذهبي هم آهنگي جي فروغ ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ تي ب??هرا برادري جي ڪردار کي ساراهيو. هن دائودي ب??هرا برادري کي ٻوڏ متاثرين جي مدد ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي وفد وزيراعظم کي پنهنجي سمورن منصوبن ۾ سولر توانائي جي استعمال بابت ٻڌايو جنهن جي صلاحيت 6 ميگاواٽ آهي، وزيراعظم انهن جي ان قدم کي ساراهيو.
پاڪستان جي ترقي جي لاءِ مذهبي رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي اصولن جي ترويج تمام ضروري آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس