اسلام آ??اد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين اسان جو پراڻو دوست آهي جنهن هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، سي پيڪ تحت اربين ڊالر جي ترقياتي منصوبن ۾ سيڙپڪاري، چين جي پاڪستان سان دوستي جو واضح ثبوت آهي، چيني ڪمپنيون حڪومت جي سولرائيزيشن منصوبي ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم سان سي اي او ايس ڪي هائيڊو جي سربراهي ۾ چيني ڪمپني جي وفد اسلام آ??اد ۾ ملا??ات ڪئي. ملا??ات ۾ وزيرا??ظم چيني ڪمپني جي پاڪستان ۾ پن بجلي منصوبن ۾ ڪم کي ساراهيو. وزيرا??ظم چيني ڪمپني کي حڪومت جي سولرائيزيشن جي منصوبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. وفد وزيرا??ظم کي ڪمپني پاران سولرائيزيشن جي حوالي سان 600 ميگاواٽ جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي کان آگاهه ڪيو جنهن جي وزيرا??ظم آجيان ڪئي. چيني وفد وزيرا??ظم کي ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ 1 لک ڊالر جو امداد چيڪ پڻ ڏنو. وزيرا??ظم چيني ڪمپني جي ٻوڏ سٽيلن جي مدد جي جذبي کي ساراهيو.
چين اسان جو پراڻو دوست آهي جنهن هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب