اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي 14 مهينن جي مختصر مدي ۾ اڻٿڪ محنت سان ??طلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي پنهنجي ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ ۽ معاشي بحالي جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اج??اس ڪميٽي جي چيئرپرسن قومي اسيمبلي ميمبر جويريه ظفر آهير جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران ??اري بيان موجب ڪميٽي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي 14 مهينن جي مختصر مدي ۾ اڻٿڪ محنت سان پنهنجي ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ ۽ معاشي بحالي جي ڪوششن کي ساراهيو. اج??اس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ شرڪت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪميٽي کي ٻڌايو ته پاڪستان ٽيليويزن جي سمورن ملازمن کي ريگيولر ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي وي اسلام آباد ۾ فلم ڊويزن قائم ڪئي وئي آهي جڏهن ته وزارت پي ٽي وي ورچوئل اسٽوڊيو پڻ قائم ڪيو آهي. هن اسٽينڊنگ ڪميٽي کي پي ٽي وي ورچوئل اسٽوڊيو جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. وفاقي وزير اج??اس کي ٻڌايو ته پي ٽي وي اڪيڊمي کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي ۽ ان ??ا ڪورسز 25 جولاءِ کان ??روع ٿي رهيا آهن. هن ڪميٽي کي ٻڌايو ته ورڪنگ جرنلسٽس جي لاءِ هڪ ارب رپين جي هيلٿ انشورنس شروع ڪئي وئي اهي، اهڙي طرح آرٽسٽن جي لاءِ به هيلٿ انشورنس جي شروعات ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ??راڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۾ 12 نوان ??سٽوڊ??وز شروع ڪيا ويا آهن ۽ ريڊيو پاڪستان ??ي سمورن آرڪائ??وز کي ڊيجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي. پاڪستان ??راڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي ملازمن کي پگهارن، الائونسز ۽ پينشنز جي عدم ادائيگي جي حوالي سان ??طلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته پاڪستان ??راڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي پينشنرز کي مسئلا درپيش هئا، حڪومت موجوده بجيٽ ۾ مناسب بجيٽ گرانٽ جاري ڪئي آهي جنهن سان ??نهن جون مالي ضرورتون پوريون ٿي رهيون آهن. وڌيڪ اهو ته پي بي سي جي ملازمن ۽ پينشنرز کي سموريون رهتون پڻ ادا ڪري ڇڏيون آهن. اج??اس دوران ڪميٽي جي چيئرپرسن جويريه ظفر آهير چيو ته صحافت ۾ اخلاقيات هڪ تمام ضروري عنصر آهي ۽ واقعن بابت ڪنهن به خبر کي صحيح رپورٽ ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ سٺي اڳڀرائي آهي ته پيمرا ايڪٽ 2002ع ۾ ترميمون ڪيون پيون وڃن جنهن سان پيمرا وڌيڪ بااختيار ٿيندو. انسپيڪٽر جنرل پوليس آءِ سي ٽي اسلام آباد ڪميٽي کي ٻڌايو ته اسلام آباد پوليس سمورن ڪيسن ۾ صحافين کي ترجيح ڏئي رهي آهي ۽ ڪيترائي ڪيس سي آءِ اي کي موڪليا ويا آهن. هن چيو ته اسلام آباد جي صحافينجي لاءِ هڪ واٽس ايپ گروپ جوڙيو ويو آهي جتي اهي پنهنجي مسئلن بابت ٻڌائي سگهن ٿا جن کي فوري طور تي حل ڪيو ويندو. بعد ۾ ڪميٽي حڪومتي بل ”دي پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز (ترميمي) بل 2023ع“، ”دي پريس، ن??وز پيپرز، ن??وز ايجنسيز ۽ بڪ رجسٽريشن (ترميمي) بل 2023ع“ تي غور ڪيو ۽ معمولي ترميمن سان ??ن کي منظور ڪري ورتو. ڪميٽي وڌيڪ قانونسازي ملتوي ڪندي ايندڙ اج??اس ۾ ان ??ي غور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب کانسواءِ اج??اس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن/ قومي اسيمبلي ميمبرن زيب جعفر، ڪرن عمران ڊار، ذوالفقار علي، ناز بلوچ، ڊاڪٽر شازيه ثوبيه اسلم سومرو، ناصر خان موسيٰ زئي ۽ آسيه عظيم، بلن جي محرڪين قومي اسيمبلي ميمبرن مولانا عبدالاڪبر چترالي ۽ محمد جمال الدين شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ گهرو وزارت جا سينيئر آفيسر، اسلام آباد پوليس، ايف آءِ اي، پيمرا، پي بي سي، پي آءِ ڊي جا نمائندا پڻ ان موقعي تي موجود هئا.
قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پاران 14 مهينن جي مختصر مدي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي پنهنجي ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ ۽ معاشي بحالي جي ڪوششن جي ساراهه
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔