اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت پنهنجي مينڊيٽ اندر رهندي جلد کان جلد عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي. اهڙو اظهار هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪي??. وزيراعظم چيو ته اجلاس ۾ پاور ڊويزن بريفنگ ڏني، جنهن ۾ مختلف وفاقي وزيرن ??ميت سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ عوام کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ لاءِ توانائي واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت کي گڏجي لائحه عمل جوڙڻ جي ذميواري ڏني آهي. هن چيو ته مختلف سرڪاري ملازمن کي مفت يونٽس جي معاملي تي به تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سرڪاري آفيسن ۾ بجلي جي استعمال ۾ گهٽتائي لاءِ فوري قدم کنيا ويندا. هن چيو ته اڄ صوبن سان به مشاورت ڪئي ويندي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے