نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ان??ار??لحق ڪاڪڙ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ملاقات ڪئي. ٻنهي ڌرين سياسي، واپاري، اقتصادي، سلامتي، دفاع ۽ رابطن سميت مختلف شعب?? ۾ ??طرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم گذريل ڪجهه سال?? ۾ ??طرفي تعاون جي وڌندڙ سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان رفتار کي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ (يو ٽي ٽي اي) کي فعال ڪرڻ سان ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ ??اپار ۽ ٽرانزٽ کي فروغ ملندو. ٻنهي ڌرين علائقائي اقتصادي انضمام کي فروغ ڏيڻ ۽ بين العلائقائي رابطن جي لاءِ فعال ڪردار اداڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي وقت سر تڪميل جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن اهو به چيو ته علائقائي رابطن، واپار ۽ اقتصادي انضمام جو افغانستان تي به مستحڪم اثر پوندو. هن خطي جي ??از?? اڳڀرائي ۽ علائقائي سلامتي ۽ استحڪام سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : کڑک