لنڊن – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آڪسفورڊ يونين ۾ شاگردن ۽ تعليمي ماهرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، آ??سفورڊ يونين جيڪا بااثر اڳواڻن ۽ مف??رن جي ميزباني جي لاءِ مشه??ر آهي، ان وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. آڪسفورڊ يونين جي صدر ديشا هيگڊي نگران وزيراعظم سان هڪ انٽر ايڪٽو سوال ۽ جواب جي سيشن کي موڊريٽ ڪيو جنهن ۾ اهم قومي، علائقائي ۽ عالمي مسلئن تي سندس ويزن بابت آگاهي فراهم ڪئي وئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم سان آڪسفورڊ يونيورسٽي جي شاگردن سوال ڪيا جيڪي اڳواڻن ۽ اسڪالرز جي اڳئين نسل سان واڳيل هئا. ڳالهه ٻولهه دوران نگران وزيراعظم پاڪستان جي معيشت، سياست، سلامتي ۽ پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آڪسفورڊ يونين جي آفيس ۾ نگران وزيراعظم عالمي مباحثي ۽ قيادت جي جوڙجڪ ۾ اداري جي اهم ڪردار کي تسليم ڪندي مهمانن جي ڪتاب تي صحيحون ڪيون. ان کان نگران وزيراعظم آڪسفورڊ سينٽر فار اسلامڪ اسٽڊيز جو پڻ دورو ڪيو جتي سندس استقبال سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فرحان احمد نظامي ڪيو. هن نگران وزيراعظم کي مرڪز جو دورو ڪرايو ۽ کيس بين الثقافتي افهام ۽ تفهيم ۽ اسلامي تهذيب جي مطالعي کي فروغ ڏيڻ جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. اها تقريب ف??ري مٽاسٽا ۽ مڪالمي جو هڪ اهم لمحو هو جنهن ۾ عالمي حصيداري ۽ ف??ري ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نگران وزيراعظم جي عزم کي اجاگر ڪيو ويو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي آڪسفورڊ يونين ۾ شاگردن ۽ تعليمي ماهرن سان ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب